جيڪڏهن فون تي ڳالهايو ته ڇا ٿيو؟ ڪا غلط ڳالهه ته ناهي ڪئي : شيخ رشيد جو حريم شاهه سان فون تي رابطي جو اعتراف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه سان فون تي ڳالهائڻ واري معاملي تي پنهنجو موقف جاري ڪري ڇڏيو. پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد حريم شاهه سان فون تي ڳالهائڻ جي تصديق ڪندي چيو ته جيڪڏهن فون تي ڳالهايو ته ڇا ٿيو؟ ڪا غلط ڳالهه ته ناهي ڪئي. شيخ رشيد پنهنجي نڪاح بابت حريم شاهه جون دعوائون رد ڪندي چيو ته مون ڪو به نڪاح ناهي ڪيو ۽ نه ئي متعه ڪيو آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته مون کي ته متعه جي مطلب جي ئي خبر ناهي ته هي ڇا هوندو آهي؟ جيڪي ڪري رهيا آهن اُهي ڪن پيا مون تي ڪو فرق ڪو نه پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *