اسلام آباد ۾ به عورتن جي عزت محفوط ناهي: چوڌري نثار جو اعتراف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گھرو وزير چوڌري نثار گذريل هڪ سال دوران قتل ۽ قتل جي قدم جي واقعن ۾ واڌ جو اعتراف ڪندي چيو ته وفاقي گاديءَ واري شهر ۾ عورتن جي عزت لٽڻ جا واقعا وڌيڪ پيش آيا، سينيٽ اجلاس دوران سوالن جي وقفي تي لکت ۾ جواب جمع ڪرائيندي وفاقي گھرو وزير چوڌري نثار ٻڌايو ته 205ع ۾ عورتن سان ڏاڍائي جا 15 واقعا رپورٽ ٿيا جڏهن ته 2016ع ۾ عورتن سان جنسي ڏاڍ جا 39 واقعا رپورٽ ٿيا، هن ٻڌايو ته اسلام آباد ۾ عورتن جي عزت محفوظ ناهي، گذريل هڪ سال دوران اسلام آباد ۾ عورتن سان جنسي ڏاڍ جي واقعن ۾ 160 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، هن ٻڌايو ته هڪ سال دوران 9 ٻارڙن کي بازياب ڪرايو ويو جڏهن ته 7 ٻارڙا اڃا تائين گم آهن جن جي ڳولا جاري آهي. ان کان سواءِ گھرو وزارت طرفان 2016ع ۾ سڄي ملڪ مان گرفتار ڪيل دهشتگردن جا تفصيل به سينيٽ ۾ جمع ڪرايا جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل سال خيبرپختون خواهه مان 799 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته پنجاب مان 417، سنڌ مان 178 ۽ بلوچستان مان 40 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو، گھرو وزارت بابت مملڪتي وزير بليغ الرحمان سينيٽ اجلاس کي ٻڌايو ته ڏڦيڙ ڦهلائڻ لاءِ دهشتگردن جي فنڊنگ روڪڻ جي لاءِ قدم کنيا ويا آهن، نيشنل ايڪشن پلان تحت دهشتگرد تنظيمن کي پئسن جي منتقلي روڪڻ جي لاءِ سب ڪميٽي جوڙي وئي آهي، هن وڌيڪ چيو ته پابندي پيل تنظيمن تي بئنڪ اڪائونٽ کولڻ يا مالي سهولت حاصل ڪرڻ تي پابندي هنئي وئي آهي، دهشتگرديءَ جي انت واري ايڪٽ تحت 4 هزار 461 بئنڪ اڪائونٽ فريز ڪيا ويا آهن جن ۾ 40 ڪروڙ رپيا موجود آهن.36

 

Author: Tariq Sandilo