اسلام آباد (اين اين آءِ) سي ٽي ڊي پاران انتهائي گهربل خطرناڪ دهشتگردن جو ريڊ بوڪ جاري ڪيو آهي دهشتگردن تي انعام هڪ ڪروڙ رپين تائين رکيو ويو آهي جنهن ۾ اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو اڳوڻي صدر پرويز مشرف ۽ پنجاب جي اڳوڻي گهرو وزير شجاع خانزاده تي حملي ۾ ملوث دهشتگرد به شامل آهن ڳجهن ادارن ۽ قانون نافذ ڪندڙن پاران انتهائي خطرناڪ گهربل دهشتگردن جو ڪتاب ريڊ بوڪ 2017 جاري ڪيو ويو آهي ريڊ بوڪ ۾ شامل ڪيل دهشتگردن کي زنده يا مرده صورت ۾ پڪڙڻ تي انعام رقم 20 لک رپين کان هڪ ڪروڙ رپين تائين مقرر ڪئي ويئي آهي. دهشتگردن ۾ بينظِر ڀٽو تي آپگهاتي حملي ۾ ملوث بيت الله مهسود گروپ جو دهشتگرد اڪرام الله تي 20 لک رپيا انعام مقرر ڪيو ويو آهي. شجاع خانزاده تي آپگهاتي حملي ۾ ملوث ٽن دهشتگردن محمد نياز، حافظ محمد سعيد ۽ ظهير احمد تي انعام 75 لک رپيا رکيو ويو آهي جڏهن ته پرويز مشرف تي حملي ۾ ملوث دهشتگرد مطيع الرحمان جي قميت سڀ کان وڌيڪ هڪ ڪروڙ رپيا رکي ويئي آهي.