ڪراچي ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ايتري نه آهي جيتري واويلا ڪئي پئي وڃي، اصل مسئلو ورهيا واري ورهاستي نظام جو آهي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته شهر ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ايتري نه آهي جيتري واويلا ڪئي پئي وڃي پر اصل مسئلو 70 کان 80 ورهيا واري ورهاستي نظام جو آهي. هن اها ڳالهه اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ صوبي اندر پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي فراهميءَ بابت هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن منظور حسين وساڻ، ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو، فياض ٻٽ، چيف سيڪريٽري سنڌ رضوان ميمڻ، ايڊووڪيٽ جنرل ضمير گهمرو، چيئرمين رٿابندي ۽ ترقي محمد وسيم، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت، ورلڊ بينڪ جا نمائندا، صحت، انڊسٽري، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ، توانائي کاتن جا سيڪريٽريز، مختلف کاتن جا چيف انجنيئرز، ڊويزنل ڪمشنرن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته شهر ۾ پاڻيءَ جي ايتري به کوٽ نه آهي جيئن واٽر بورڊ واويلا ڪري رهيو آهي.  واٽر بورڊ جي بيورو ڪريسي ۽ لوڪل گورنمينٽ گذريل ڪيترن ئي سالن کان سياستدانن کي گمراهه ڪري رهيا آهن ۽ سياستدان انهن جي غلط انگن اکرن تي يقين ڪندا آهن. هن چيو ته مان هڪ پروفيشنل انجنيئر آهيان ۽ اوهان مون کي مس گائيڊ نه ٿا ڪري سگهو. هن واٽر بورڊ کي چيو ته اصل مسئلو غيرموئثر ورهاست جي نظام جو آهي جيڪو واٽر بورڊ پاڻيءَ جي کوٽ جي آڙ ۾ لڪائيندي رهي آهي. هن چيو ته اصل مسئلو زنگ آلود، خراب ۽ پراڻي ورهاست وارو نظام آهي. ان تي صوبائي وزير بلديات ڄام خان شوري چيو ته شهر ۾ 1200 ڪلوميٽر ڊگهو پاڻيءَ جي فراهميءَ جو نيٽورڪ آهي. جنهن جي تبديليءَ تي اٽڪل 2000 بلين رپيا لاڳت ايندي. وڏي وزير چيو ته نئين آدمشماريءَ مطابق شهر جي آبادي 16 ملين آهي. واٽر بورڊ جي معيار مطابق پاڻيءَ جي گهرج 50 جي في ماڻهو روزاني آهي. جيڪڏهن 16 ملين جي آباديءَ کي 50 جي /ڪي پيٽا / ڏينهن جي حساب سان ضرب ڏجي ته شهر جي پاڻيءَ جي گهرج 800 ايم جي ڊي ٿيندي. هن چيو ته مان اهو چوڻ چاهيان ٿو ته هن وقت ڪراچيءَ کي 650 ايم جي ڊي پاڻي ملي رهيو آهي، جنهن ۾ 550 ايم جي ڊي ڪينجهر ۽ 100 ايم جي ڊي حب ڊيم مان ملي رهيو آهي. 2018 جي آخر تائين ڪي فور مان 260 ايم جي ڊي پلس 65 ايم جي ڊي ٻين ننڍين اسڪيمن مان حاصل ٿيندو، اهڙي ريت اهو 325 ايم جي ڊي ٿي ويندو، جيڪڏهن هاڻوڪي دستياب 650 ايم جي ڊي ۽ ڪي فور ۽ ٻين ننڍين اسڪيمن جي 325 ايم جي ڊي کي ملائجي ٿو ته اهڙي طرح شهر ۾ دستياب پاڻي 975 ايم جي ڊي ٿي ويندو، جڏهن ته گهرج 800 ايم جي ڊي آهي ۽ اهڙي ريت اهو پاڻي ايندڙ 3 کان 4 سالن لاءِ ڪافي ٿيندو. شهر ۾ پاڻيءَ جي ورهاست بابت وڏي وزير چيو ته 80 کان 100 ورهيا پراڻو نظام آهي ۽ هن پنهنجي لوجيڪل ڄمار مڪمل ڪري ڇڏي آهي ۽ نه رڳو پراڻيون لائنن ڪري پاڻي آلوده ٿي رهيو آهي پر ليڪيج ڪري ضايع به ٿي رهيو آهي. هن صوبائي وزير بلديات کي هدايت ڪئي ته هُو پراڻي ورهاست واري نظام جي تبديليءَ لاءِ پلان تيار ڪري. هن چيو ته مان اوهان کي صلاح ڏيندس ته اوهان پاڻيءَ جي فراهميءَ لاءِ وڇايل لائنن جو علائقي جي حساب سان ڊيٽا فراهم گڏ ڪريو ۽ ان بعد پهرين مرحلي ۾ سڀني کان پراڻي لائنن جي تبديلي شروع ڪريو ۽ پوءِ مرحليوار تبديل ڪيون وڃن. هن چيو ته پراڻن علائقا جتي پاڻي جي ورهاست واريون پائپ لائنون 60 کان 70 ورهيا اڳ وڇايون ويون هيون ۽ ڪجهه لاءِ چيو ويندو آهي ته 100 سال پراڻيون آهن. هن چيو ته ان رٿا تي جيتري به لاڳت ايندي ان لاءِ فنڊ فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. صوبائي بلديات واري وزير ڄام خان شورو چيو ته حيسڪو واٽر بورڊ کان ڪينجهر ڍنڍ تي ڪي فور پروجيڪٽ جي پمپنگ اسٽيشن کي 50 ميگاواٽ بجليءَ جي فراهميءَ لاءِ 6 بلين رپين جي دائيگيءَ جو مطالبو ڪيو آهي. ان تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته واٽر بورڊ 50 ميگاواٽ بجلي ۽ ٽرانميشن لائن لاءِ 6 ملين رپيا ادا ڪري رهيو آهي ته پوءِ اهي پنهنجو ايل اين جي تي هلندڙ يا 50 ميگاواٽ جو ونڊ پاور پلانٽ ڇو نه ٿو لڳايو وڃي؟، ڪي فور لاءِ فنڊ موجود آهن. هن چيو ته مان صلاح ڏيندس ته اوهان پنهنجو ذاتي 50 ميگاواٽ وارو پاور پلانٽ لڳايو ۽ واٽر بورڊ لاءِ پاور پلانٽ جي تعمير ۽ ٽرانسميشن لائين لاءِ خانگي پارٽي ۽ حڪومت گڏجي شراڪت ڪندا. هن چيو ته هُو چوڻ چاهي ٿو ته اهو هڪ سال اندر لڳايو ويندو. وڏي وزير اهو هدف صوبائي توانائي واري سيڪريٽري آغا واصف کي هدايت ڏيندي چيو ته هُو صوبائي وزير بلديات ۽ ايم ڊي واٽر بورڊ سان گڏجي هڪ پلان جوڙي ۽ 50 ميگاواٽ پاور پلانٽ لاءِ سروري شروع ڪيو وڃي.  اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ويسٽ واٽر جون ٽي ميونسپل، اسپتال ۽ صعنتي قسمون آهن ۽ اهي لياري ۽ ملير ندين ۾ وهايو ويندو آهي. هن چيو ته هڪ 94 ايم جي ڊي ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳائڻ جو هڪ منصوبو آهي. وڏي وزير کي 162.9 بلين رپين جي پبلڪ هيلٿ انجئينرنگ کاتي جي پاڻيءَ جي فراهميءَ جي اسڪيمن بابت بريفنگ ڏني وئي. صوبائي وزير پي ايڇ اِي فياض ٻٽ اجلاس کي ٻڌايو ته 22 ضلعن ۾ 3896 اسڪيمون آهن جن ۾ 1671 هلندڙ ۽ 2225 نين رٿائن تي ڪم هلندڙ آهي. وڏي وزير پي ايڇ اي کاتي جي سيڪريٽري تميزالدين کيڙو کي هدايت ڪئي ته انهن 22 ضلعن جتي پاڻيءَ جي فراهميءَ جون اسڪيمون هلندڙ آهن اتي جي وڏن ڳوٺن لاءِ نيڪاليءَ واري نظام لاءِ تفصيلي پلان جوڙيو وڃي. هن چيو ته نيڪاليءَ وارو نظام نئين آدمشماريءَ  مطابق آبادي جي انگن اکن کي ڏسندي ڊزائن ڪيو وڃي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڊويزنل ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته اهي پنهنجي لاڳاپيل علائقن جي پاڻيءَ جي ٽيسٽ رپورٽ فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته اوهان (ڊويزنل ڪمشنرز) ميونسپل جي پاڻيءَ کي درياهه يا ٻين پاڻيءَ جي واهن ۾ وهائڻ بدران نالن ۾ ڇوڙ ڪرڻ لاءِ ضروري اپاءَ ورتا وڃن. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ هر هڪ ضلعي هيڊڪواٽر ۽ ٻئي مرحلي ۾ تعلقي هيڊڪوارٽر ۾ ٽريٽمنٽ پلانٽ لڳائڻ تائين ڊسيپلين کي لازمي برقرار رکيو وڃي. وڏي وزير ڊويزنل ڪمشنرن کي اها به هدايت ڪئي ته هُو سنڌوءَ تي واقع شهرن لاءِ درياهه مان پاڻيءَ جي فراهمي جي حوالي سان به پلان جوڙيو وڃي. وڏي وزير چيو ته هُو 28 ڊسمبر تي وڌيڪ اڳڀرائي بابت ٽيون اجلاس گهرائيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *