2013 جي چونڊن ۾ ڌانڌلي يا منظم ڌانڌلي جا ڪي ثبوت نه مليا آهن: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد (اين اين آءِ) اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف پاران لڳايل ڌانڌلي جي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته 2013 جي چونڊن ۾ ڌانڌي يا منظم ڌانڌلي جا ڪي به ثبوت نه مليا آهن، اليڪشن ڪميشن پاران انڪوائري ڪميشن کي لکت ۾ آگاهه ڪيو ويو ته عام چونڊن ۾ ڌانڌلي يا منظم ڌانڌلي جا ڪي به ٺوس ثبوت نه مليا آهن، جڏهن ته نادرا جي رپورٽ سان ڌانڌلي ثابت نٿي ٿئي، اليڪشن ڪميشن مطابق بيلٽ پيپرز جو تعداد جو تعين ڪرڻ ريٽرننگ آفيسر کي ڏيڻ قانون مطابق هو، بيلٽ پيپرن جي اردو بازار مان ڇپائي جا ڪي به ثبوت نه مليا آهن، جڏهن ته پي ٽي آءِ جا ميمبر اهو ثابت ڪرڻ ۾ به ناڪام ٿي ويا آهن ته ريٽرننگ آفيسرن ڪهڙي طرح اضافي بيلٽپيپرز جو غلط استعمال ڪيو، اليڪشن ڪميشن مطابق پي ٽي آءِ ڌانڌلي بابت لڳايل ڪيترن ئي الزامن تان دستبردار ٿي وئي، آر اوز پاران ووٽن سان دٻا ڀرڻ جو ڪو به ثبوت نه مليو آهي، جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ فارم 15 ڪي پي ڪي مان غائب ٿيا آهن، فارم 15 جو غائب هئڻ ۽ ٿيلهن جون سيلون ٽوڙن نااهلي آهي،اليڪشن ڪميشن دليلن ۾ چيو ته سڀ کان وڌيڪ فارم 15 ڪي پي ڪي مان غائب ٿيا،سنڌه ٻئي نمبر تي ۽ پنجاب ٽئين نمبر تي رهيو، جڏهن ته فارم 15 جو عائب ٿيڻ ۽ ٿيلهن جون سيلون ٽوڙڻ ڌانڌلي نه پر نااهلي آهي. واضح رهي ته تحريڪ انصاف پاران عام چونڊن ۾ وڏي پيماني تي ڌانڌلي جا الزام لڳائيندي جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *