مصباح کي ڪوچنگ جي الف جو به پتو ناهي: عامر سهيل

 

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) آسٽريليا خلاف ٽيسٽ ۽ ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي چونڊ کانپوءِ چيف سليڪٽر ۽ هيڊ ڪوچ مصباح الحق هنن ڏينهن ۾ سخت تنقيد جي ور چڙهيل آهي ته ٻئي طرف هڪ وقت ۾ ٻن عهدن تي ڪم ڪندڙ اڳوڻي ٽيسٽ ڪپتان کي هاڻ 1992ع ورلڊ جي فاتح ٽيم جي ميمبر عامر سهيل سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.نجي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي عامر سهيل جو چوڻ هو ته ڪمال جي ڳالهه آهي اهو مصباح الحق جنهن کي ڪوچنگ جي الف جي به خبر ناهي احسان ماني صاحب کيس ٽن سالن جو ڪانٽريڪٽ ڏئي ڇڏيو.عامر سهيل جيڪو ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ پاڪستان طرفان هڪ ڏينهن ۾ ڊبل سينچري اسڪور ڪندڙ هينئر تائين جو پهريون ۽ واحد بيٽسمين آهي، هن جو چوڻ آهي ته جنهن ڪوچ سريلنڪا خلاف ٽيم کي نه کيڏايو ان کان اوهان آسٽريليا ۾ ڪهڙيون اميدون رکي سگهو ٿا.ماضي ۾ پي سي بي جي ڊائريڪٽر گيم ڊولپمينٽ رهندڙ عامر سهيل جو پنهنجي بيباڪ انداز سبب ڪرڪيٽ جي حلقن ۾ پنهنجو هڪ منفرد انداز آهي، هن چيو ته مصباح الحق هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر بڻجندي ئي سڀ کان پهريان فٽنيس جو نعرو هڻي ڇڏيو، ڪو ان کان پڇي سريلنڪا سيريز کان اڳ هن ڇوڪرن کي ڀڄائي ڀڄائي هيڻو ڪري ڇڏيو هو، ڪو ان کان سوال ڪري سگهي ٿو هن ايئن ڇو ڪيو؟.عامر سهيل وڌيڪ چيو ته ڇا مصباح ڇوڪرين کي المپڪس ۾ ڊوڙائي ها، ڪوچنگ ۾ اوهان کي ٽيڪنيڪ تي ڪم ڪرڻو پوندو آهي، جيڪو اوهان کان نه پيو ٿئي، جيتوڻيڪ مصباح الحق پهريان ڪوچنگ جي باري ۾ ڄاڻي ئي ڇا ٿو، 1992ع کان 2000ع تائين پاڪستان لاءِ 47 ٽيسٽ، 156 ون ڊي کيڏندڙ عامر سهيل جو موقف آهي ته بورڊ ۾ ڇا سٺو ۽ درست ٿي رهيو آهي جو اسان تعريف ڪريون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *