اسان کي هر محاذ تي سفارتي ڪاميابي ۽ ڀارت کي شڪست ٿي رهي آهي: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي سڌسماءِ جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اسان کي هر ميدان تي سفارتي ڪاميابي ۽ ڀارت کي هار ٿي رهي آهي والاريل ڪشمير ۾ دوائون کاڌي پيتي جون شيون ۽ ٻين ضروري شين جي سخت کوٽ آهي زندگي تي موت جو پهرو آهي انشاءالله ظلم کي شڪست ٿيندي آزادي جي چٽي صبح جو سج اڀرڻ والاريل ڪشمير جي وادي جو مستقبل آهي ٽيوٽر تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته هلو هلو مظفرآباد هلو، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان ٻڌي جي اظهار لاءِ اجماعت سڄي دنيا ۾ ڪشميرين جي دانهن بڻجندو هن چيو ته عظيم ڪشميرين جي عظيم جدوجهد کي سلام پيش ڪيون ٿا جيڪي ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف بهادري سان مهاڏو اٽڪايو بيٺا آهن چيو ته سڄي دنيا ۾ ڀارت وائکو ٿي چڪو آهي سلامتي ڪا.ئونسل، او آءِ سي ۽ خاص ڪري جنيوا ۾ 58 ملڪن جو گڏيل پڌرنامو ڪشمير تي پاڪستاني موقف جي تائيد ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هر جمعي ڏينهن ڪشميرين سان ٻڌي جي اظهار لاءِ هن ڀيري وزيراعظم مظفرآباد ۾ ڪشميرين جو آواز سڄي دنيا تائين پهچائندو عمرانخ ان هر فورم تي ڪشميرين جو ڪيس وڙهندو هن چيو ته والاريل واڌي ۾ ڪرفيو کي هڪ مهيني کان وڌيڪ ٿي ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *