ڪشمير جو مسئلو حل ڪرڻ کان سواءِ ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن، ٽيبل هيٺان ڪشميرين جو سمجهوتو ناهي ٿيڻ وارو: شيخ رشيد

مظفر آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد جو چوڻ آهي ته ڪشمير جو مسئلو حل ڪرڻ کان سواءِ ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن، ڪشميري عقل مند قوم آهي ۽ ٽيبل جي هيٺان انهن جو سمجهوتو ناهي ٿيڻ وارو.  مظفر آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير شيخ رشي مخالف ڌر کان ڪشمير جي مسئلي تي هڪ ٿيڻ جي اپيل ڪئي. سندس چوڻ هو ته نريندر مودي جو عقل جواب ڏئي چڪو آهي ۽ مودي سمجهي ٿو ته پاڪستان معاشي مسئلن ۾ گهيريل آهي. هن چيو ته پاڪستان جي معيشت ڪمزور ٿي سگهي ٿر پر دفاع نه، اسان جا نوجوان سر هٿ ۾ رکي مودي جي حملي جو انتظار ڪري رهيا  آهن. شيخ رشيد جو چوڻ هو ته ڀارت منصوبابندي جي تحت ڪشمير جا ٻه ٽڪر ڪيا، مون کي يقين آهي ته 27 تاريخ تي وزير اعظم جينيوا ۾ عالمي برادري کي واضح پيغام ڏيندو.هن چيو ته مودي فاشسٽ 303 ميمبرن مان ڪنهن مسلمان کي ٽڪيٽ ناهي ڏني، آسام ۾ 20 لک مسلمانن کي هن ٻئين درجي جو شهري بڻائي ڇڏيو جنهن کان پوءِ هو اتر پرديش، مهاراشٽريه ۽ لکنئو  وغيره ۾ به اِهو ئي ڪم ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا. سندس چوڻ هو ته نريندر مودي اسلام ۽ مسلمانن جي خلاف اعلان جنگ ڪيو آهي، هن جو هندوستان ۾ سپر پاور بڻجڻ جو خواب ڌوڙ ٿي ويندو. ريلوي واري وزير چيو ته هندستان ۾ نسل ڪشي کي ڪڏهن به قبول نه ڪنداسين. هن اعلان ڪيو ته هو 22 سيپٽمبر تي سرحد جي ان مقام تي ويندو جتي ڀارتي جهاز ڪيرايو ويو هو. سندس چوڻ هو ته آزاد ڪشمير جو دورو مڪمل ڪرڻ کان پوءِ والاريل ڪشمير ۾ ڪال ڏيندس ۽ ان جو نتيجو دنيا ڏسندي. هن ڪشمير جي حق ۾ ميڊيا جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته، آئون چاهيان ٿو ته والاريل ڪشمير ۾ به پاڪستاني چينل ڏيکاريا وڃن. شيخ رشيد جو چوڻ هو ته ڀارت ايٽمي ڌماڪا ڪري غلطي ڪئي هئي، اهڙي ريت ڀارت لاقانونيت ڪري غلطي ڪئي آهي، تاريخ ثابت ڪندي ته ڀارت ڪنهن به طرفان گهڙڻ جي ڪوشش ڪري پر ناڪام ٿي ويندو. هن چيو ته جيڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته ڪشمير جو مسئلو حل ڪرڻ کان سواءِ ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون اُهي بي وقوف آهن، ڪشمير جو ٽيبل جي هيٺان سمجهوتو ناهي ٿيڻ وارو. هن چيو ته اسان کي خبر اهي ته ڀارت ۾ 22 کان 24 ڪروڙ مسلمان آهن ۽ اسان کي اِها به خبر اهي ته ڪهڙو مصالحو ڪاٿي استعمال ڪرڻو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان ان جاءِ تي پهچي چڪا آهيون جو هن وقت نه ته ڪڏهن به نه.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *