آفيسر شاهي هلڻ نه ڏبي، عهدن تي ويٺل ماڻهن جي اڪثيريت عوام جي خدمت نٿي ڪري: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا آهن ته عهدن تي ويٺل ماڻهن جي گھڻائي عوام جي خدمت نٿي ڪري  ۽ ملڪ اندر آفيسر شاهي هلڻ نه ڏينداسي. سپريم ڪورٽ ۾ خيبرپختونخواهه جي پاڻي نيڪال ڪرڻ واري کاتي جي ملازم پرويز خان جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل خيبروپختونخواهه ٻڌايو ته پرويز خان جعلي ڊگري جي بنياد تي نوڪري ڪئي، 2 ڊوميسائيل رکيا ۽ ٻن مختلف سرڪاري کاتن مان هڪ ئي وقت پگھار ورتي، ان سان گڏوگڏ آمريڪي ڪمپني ۾ به ملازمت ڪئي ۽ پگھار وٺندو رهيو. جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته پهريان اهڙا آفيسر هوندا هئا جيڪي دل سان پبلڪ سروس ڪندا هئا، اڄ جيڪي ماڻهو عهدن تي ويٺل آهن انهن مان گھڻا ماڻهو پبلڪ سروس ناهن ڏيندا، ماڻهن جي خدمت ڪندڙ آفيسر ڪيڏانهن ويا، هن ملڪ ۾ سول سروس کي ڇا ٿي ويو آهي. سپريم ڪورٽ ٻڌڻي کان پوءِ پرويز خان جو ڪيس ملتوي ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. ان کان سواءِ سپريم ڪورٽ ۾ ريلوي جي ننڍن ملازمن جي نوڪري تي بحالي واري دروخواست تي ٻڌڻي ٿي. عدالت گريڊ 5 جي ٽن ريلوي ملازمن کي بحال ڪندي فيڊرل سروس ٽربيونل جي فيصلي کي برقرار رکيو ۽ ريلوي کاتي جي درخواست رد ڇڏي. وڪيل شرين عمران ٻڌايو ته 2010ع ملازمن کي نوڪري مان برطرف ڪيو ويو هو. جسٽس گلزار احمد چيو ته ملڪ اندر قانون هلندو آهي، آفيسر شاهي هلڻ نه ڏينداسين، اها ڪا راند ناهي، قانون تحت اوهان کي ڪم ڪرڻو آهي، ماڻهن جون 15،15 ورهين جو نوڪريون آهن انهن ٻاهر ڪيئن ٿو ڪڍي سگھجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *