نيب ڪورٽ کي ڊار خلاف ڪارروائي کان روڪيو ويو، منع نامو جاري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نيب ڪورٽ کي اسحاق ڊار خلاف ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو ۽ 17 جنوري تائين وارو منع نامو جاري ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب اسحاق ڊار جا گرفتاري وارنٽ ۽ اشتهاري قرار ڏيڻ وارو فيصلو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو هو، جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس ميان گل حسن تي ٻڌل ذويزنل بينچ درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته اسحاق ڊار دل جي عارضي ۾ منتلا آهي ۽ سندس علاج لنڊن ۾ جاري آهي، ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ پيش ڪرڻ جي باوجود نيب ڪورٽ اڳوڻي ناڻي وري وزير  کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو آهي ۽ سندس گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن، عدالت کان اپيل آهي ته نيب ڪورٽ جي اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار خلاف ڪارروائي کي روڪيو وڃي. عدالت درخواستگذار جي وڪيل جو موقف ٻڌڻ کان پوءِ نيب ڪورٽ کي اسحاق ڊار ۽ سندس ضامن خلاف ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو ۽ 17 جنوري تائين جو منع نامو  جاري ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *