ماورا ۽ عروا ڊپريشن کان ڇوٽڪاري جو حل ٻڌائي ڇڏيو

 

ڪراچي (شوبز نيوز) هاڻوڪي دور جي ماڻهن جي ذهني بيمارين جي شرح ۾ ڳڻتي جي حد تائين واڌ ٿي آهي، جنهن جا گھڻا سبب ٿي سگھن ٿا.پر جيڪڏهن پاڪستاني اداڪارائن ماورا ۽ عروا حسين جي ڳالهه مڃجي ته  اها بيماري حقيقت ۾ اسان جي خوراڪ جو نتيجو آهي.هڪ خانگي ٽي وي شو ۾ ٻنهي ڀينرن ڪپڙن جي مشهوري لاءِ شرڪت ڪئي  ۽ ان دوران ڳالهائيندي  هنن ذهني صحت بابت به پنهنجي راءِ ڏني.هڪ ويڊيو ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي چڪي آهي جنهن ۾ واضح آهي ته ٻئي ڀينرون ڊپريشن جو ذميواري خوراڪ کي سمجهندويون آهن.عروه حسين ڪلپ ۾ چيو ته اڄ ڪالهه گھڻا مسئلا آهن، اسان ماڻهن کان ٻڌنديون آهيون ته کين ڊپريشن يا ذهني مرض ٿي ويو آهي، پر اهي بيماريون خوراڪ سبب آهن، انهن جو ڪو ٻيو سبب ناهي؟ماروا حسين به ان جي تصديق ڪندي چيو ته اهي ان ڪري ئي آهي جيڪو اوهان پنهنجي جسم خوراڪ طور استمال ڪندا  آهيو.هونئن ته متوازن خوراڪ جي اهميت کان انڪار ممڪن ناهي جيڪا صحت لاءِ گھڻي ضروري آهي پر ذهني مرض يا ڊپريشن  جو  سبب رڳو خوراڪ کي قرار ڏيڻ غلط آهي، عام طور تي ڊپريشن جو شڪار ماڻهن ۾ کائڻ جي خواهش ئي ختم ٿي ويندي آهي يا هو جنڪ فوڊ کائڻ لڳندا آهن جيڪو ان مرض جي هڪ علامت سمجهي ويندي آهي.هارورڊ ميڊيڪل اسڪول جي هڪ تحقيق موجب ڊپريشن جا ڪيترائي سبب ٿي سگھن ٿا جن جي زندگي ۾ دٻاءُ، مخصوص دوائن جا سائيڊ افيڪٽس دماغي يا جينياتي ڪمزوري وغيره.ماورا حسين انسٽاگرام تي به پنهنجي بيان جو دفاع ڪندي هڪ اسڪرين شاٽ شيئر ڪيو جنهن تي لکيل آهي: جيڪڏهن اوهان گھڻو پراسيس گوشت، تريل پڪوان، ريفائن سريلز، ٽافيون، پيسٽري ۽ سڻڀ واريون شيون ته ذهني بي چيني ۽ مايوسي جو امڪان وڌي ويندو آهي.پر اسرڪين شاٽس ۾ به اهو واضح ناهي ڪيو ويو ته رڳو خوراڪ ئي ڊپريشن يا ذهني مرضن جو سبب آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *