اسان جي سياست غربت جي خاتمي لاءِ آهي، 2 سالن ۾ دهشتگردي ختم ڪنداسين: نواز شريف

ڪوٽلي ستيان (م.ڊ)  وزيراعظم محمد نواز شريف ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ عوام جي ڀلائي کي پنهنجي سياست جو محور قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سياست ترقي، خوشحالي ۽ ملڪ مان غربت جي خاتمي جي سياست آهي، اسان ڌرڻي، تباهي ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ جي سياست نه ٿا ڪريون، عوام سان ڪيل سمورا واعدا پورا ڪنداسين. هن اها ڳالهه ڪالهه سومر ڏينهن هتي برساتن ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب متاثر ماڻهن ۾ امدادي رقم ورهائڻ جي موقعي تي هڪ وڏي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي چئي. اها امداد برساتن سبب متاثر ماڻهن جي لاءِ خصوصي پئڪيج جو حصو آهي جنهن جو اعلان وزيراعظم راولپنڊي ضلعي جي برساتن سبب متاثر علائقن جي لاءِ ڪيو هو، ڪوٽلي ستيان ۽ مري جا تعلقا برساتن سبب وڌيڪ متاثر ٿيون. ڪوٽلي ستيان ۾ 229 ملڪيتن کي نقصان پهتو ۽ 70 مڪمل طور تي تباهه ٿيا. ڪوٽلي ستيان ۾ متاثرين جي لاءِ 4 ڪروڙ 94 لک رپين جي امدادي رقم ورهائڻ سميت  راولپنڊي ضلعي جي چئن تعلقن جي لاءِ 21 ڪروڙ 63 لک رپيا ورهايا ويندا. وزيراعظم ڪوٽلي ستيان ۾ بهترين ۽ جديد ترين اسپتال ٺاهڻ جو پڻ اعلان ڪيو. هن علائقي جي سمورن وڏن رستن جي مڪمل مرمت ۽ ڪارپيٽنگ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته برساتن ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي جن متاثرين کي چيڪ ناهن مليا انهن کي ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ سندن گهرن تي چيڪ پهچايا وڃن ۽ ان بابت کيس آگاهه ڪيو وڃي وزيراعظم نواز شريف جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته آئون هتي برساتن ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب متاثر ماڻهن ۾ چيڪ ورهائڻ جي لاءِ آيو هئس پر هتي جلسي جو اهتمام به ڪيو ويو آهي جيڪو توهان ماڻهن جي مون سان مثبت جو ثبوت آهي. هن چيو ته تازين برساتن ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب هن علائقي ۾ وڏي تباهي ٿي جنهن کانپوءِ مون پاڻ هتي اچي ماڻهن جي خيريت معلوم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. هن چيو ته هو ان کان اڳ 1990ع ۾ هتي آيو هو ۽ اڄ 2016ع ۾ 26 سالن کانپوءِ ٻيهر هتي آيو آهي، انهن 26 سالن ۾ تمام گهڻا لاها چاڙها ڏٺا آهن، مون کي 8 سال ملڪ کان ٻاهر جلاوطن رهڻو پيو، 14 مهينا جيل ۾ ڪال ڪوٺري ۾ گذاريا پر اڄ ٻيهر توهان آڏو حاضر آهيان. وزيراعظم چيو ته هو هتي ڪنهن جي ڪردارڪشيءَ ڪرڻ ناهي آيو ۽ نه ئي ڪنهن جي خلاف پنهنجي زبان استعمال ڪرڻ آيو آهي. هن چيو ته آئون پاڪستان جي ڳالهه ڪرڻ آيو آهيان، ڪوٽلي ستيان جا ماڻهو جيتري محبت مون سان ڪن ٿا آئون ان کان تمام گهڻي انهن سان ڪريان ٿو. وزيراعظم نواز شريف چيو ته سندس خواهش آهي ته مظفرآباد کان ميرپور تائين بهترين موٽروي ٺاهي وڃي ۽ ڪوٽلي ستيان کي ان موٽروي سان ڳنڍيو وڃي، ان جي سروي ٿي رهي آهي ۽ ڪيترن ئي مهينن کان ان تي ڪم جاري آهي، اهو وڏو منصوبو آهي ۽ ان جي لاءِ وڏي رقم خرچ ٿيندي. وزيراعظم چيو ته اڄ کان ٽي سال اڳ ملڪ ۾ 18، 18 ۽ 20، 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿيندي هئي ۽ ان جي خلاف مظاهرا ٿي رهيا هئا. وزيراعظم چيو ته آئون پڇان ٿو ته پاڪستان ۾ اونداهيون ڪنهن پيدا ڪيون، اسان ته روشني جي ڳالهه ڪريون ٿا، اڄ لوشيڊنگ تمام گهٽ ٿي وئي آهي ۽ يقين ڏياريان ٿو ته ان کي سدائين جي لاءِ ختم ڪيو ويندو، اسان هڪ هڪ گهر ۾ بجلي پهچائينداسين جتي گئس نه آهي اتي گئس به پهچائينداسين. 2018ع جي چونڊن کان اڳ عوام آڏو حاضر ٿينداسين ۽ هٿ مٿي ڪري پڇنداسين ته اسان واعدا پورا ڪيا آهن يا نه. وزيراعظم چيو ته ملڪ کي ٻيو وڏو چئلينج دهشتگردي جو خاتمو هو، اڄ دهشتگردي به تمام گهٽ ٿي وئي آهي، فوج، پوليس ۽ پاڪستان جي عوام کي سلام پيش ڪريان ٿو جن ڄمي ان جو مقابلو ڪيو، توهان ڏسندا ته هڪ ٻن سالن ۾ دهشتگردي کان به ڇوٽڪارو ملي ويندو. وزيراعظم چيو ته ڪراچي ۾ ٽي سال اڳ ڪهڙيون حالتون هيون، اڄ اتي امن آهي، ڪاروبار ٿي رهيو آهي، اڄ جو ڪراچي ٽي سال اڳ جي ڪراچي کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ روشن آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي تي ڪم ٿي رهيو آهي. بجلي جي رڳو ٽن وڏن منصوبن مان مجموعي طور تي هڪ سئو ارب رپين جي بچت ڪئي وئي آهي جڏهن ته ٻيا منصوبا ان کانسواءِ آهن. وزيراظم ان موقعي تي علائقي جي سمورن وڏن رستن جي مڪمل مرمت ۽ ڪارپيٽنگ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته رستن جا سمورا وڏا منصوبا اسان جي حڪومت شروع ڪيا ۽ مڪمل ڪيا آهن، لاهور کان ڪراچي موٽروي شروع ٿيڻ وارو آهي، پوري ڪوشش هوندي ته مظفرآباد کان ميرپور موٽروي پڻ جلد مڪمل ٿئي، علائقي ۾ سياحت کي هٿي ڏني وڃي جنهن سان روزگار پيدا ٿيندو. هن چيو ته اسان ماڻهن کي انهن جي درن تي صحت جو بهترين خدمتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. ان کان اڳ پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن جي وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته هن علائقي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ملڪ جو ڪو وزيراعظم ڪوٽلي ستيان آيو آهي. هن چيو ته هي اهو ئي وزيراعظم آهي جنهن ڪوٽلي ستيان کي تعلقي جو درجو ڏنو هو، اڄ هي هڪ ترقي يافته علائقو آهي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) نواز شريف سبب اڄ 2 ڊگري ڪاليج، تعلقي هيڊڪوارٽر اسپتال موجود آهن. وزيراعظم جي ڪوششن جي ڪري ڪوٽلي ستيان جي علائقي ۾ 90 سيڪڙو بجلي دستياب آهي، وزيراعظم پنهنجا خصوصي فنڊ برساتن جي متاثرين جي لاءِ امداد ڏني آهي. ان کان اڳ وزيراعظم ڪوٽلي ستيان جي برساتن ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب متاثر ماڻهن ۾ امدادي رقم جا چيڪ ورهايا. وزيراعظم جلسي ۾ پهتو ته اتي موجود ماڻهن جي وڏي انگ اٿي بيهي وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو ۽ نعرا هنيا، وزيراعظم هٿ مٿي ڪري انهن جو جواب ڏنو. وزيراعظم پنهنجي تقرير جي پڄاڻي پاڪستان زندهه آباد جي نعري سان ڪئي جنهن جو جلسي ۾ موجود ماڻهن شاندار انداز ۾ جواب ڏنو. تقريب ۾ اڳوڻو ايم پي اي شاهد رياض ستي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر ثوبيه ستي ۽ مسلم ليگ (ن) جا ٻيا عهديدار پڻ موجود هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *