ٿر ۾ ڏڪار جا ذميوار صوبائي کاتا قرار، ٿر کي آفت سٽيل قرار ڏيڻ جي سفارش

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ سرڪار پاران ٿر ۾ ڏڪار سبب ٻارڙن جي موت جا سبب ڄاڻن لاءِ قائم ڪيل ٿر ڪميشن ڏڪار جو ذميوار مختلف صوبائي کاتن کي قرار ڏئي ڇڏيو آهي، ٿر ڪميشن جو اجلاس گذريل ڏينهن ڪنوينر عبدالفتاح ملڪ جي سربراهي ۾ ٿيو، اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ دير سان پهچڻ تي ڪميشن جي ميمبرن مٿس ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، اجلاس ۾ ٿر ڪميشن 3 سئو صفحن تي ترتيب ڏنل رپورٽ چيف سيڪريٽري حوالي ڪئي، چيف سيڪريٽري جي حوالي ڪيل رپورٽ ۾ ڏڪار جو ذميوار سنڌ جي صوبائي کاتن صحت، تعليم، آبپاشي، لائيو اسٽاڪ، بهبودي آبادي، روينيو، سياحت ۽ جنگي جيوت کي ڏنو ويو آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٿر ۾ گورننس جي صورتحال انتهائي خراب آهي، 3 سالن دوران 6 ڊي سيز جون بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون ۽ ترقين ۾ به ميرٽ جي لتاڙ ڪئي وئي. رپورٽ مطابق ٿر جي اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ ۽ جيڪي موجود آهن ان جون پگهارون گهٽ هجن جي نشاندهي ڪئي وئي، رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته علائقي ۾ چائلڊ ميرج بل تي به عمل نه ڪيو ويو آهي، گهٽ عمر ڇوڪرين جون شاديون ڪرايون وڃن ٿيون جيڪي ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو بنيادي سبب آهي، ٿر ۾ تعليم جي حالتن انتهائي خراب آهي ۽ سياحت لاءِ ٿر ۾ ڪا به ترقي نه ٿي سگهي آهي، زراعت کاتي ۽ لائيو اسٽاڪ کاتي ٿر ۾ ڪو به ڪم نه ڪيو آهي، بهبودي آبادي کاتي جي ڪارڪردگي ٻڙي کان وڌيڪ نه آهي، رپورٽ ۾ سفارش ڪئي وئي ته ٿر کي فوري طور تي آفت سٽيل قرار ڏنو وڃي، ٿر ڊولپمينٽ اٿارٽي جو قيام فوري طور عمل ۾ آندو وڃي. ٿر ۾ مقرر ڊاڪٽرن جي پگهار گهٽ ۾ گهٽ 4 لک رپيا ڪئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *