اوڳاڙين جي مد ۾ 70 ارب جو خسارو…..

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ پارلياماني معاملن واري وزير نثار احمد کهڙو هلندڙ مالي سال 16- 2015ع جي ٽين ٽه ماهي جنوري کان مارچ لاءِ سنڌ جي آمدني ۽ خرچن جي رپورٽ پيش ڪئي.  ناڻي واري سينئر وزير سيد مراد علي شاهه ان رپورٽ جي بنيادي نقطن جي وضاحت ڪندي چيو ته هلندڙ مالي سال لاءِ سنڌ جي آمدني جو ڪاٿو 726 ارب رپيا لڳايو ويو هو، جنهن مان 494 ارب رپيا وفاقي حڪومت کان ملڻا هئا. 9 مهينن ۾ وفاقي حڪومت طرفان 370 ارب رپيا ملڻ گهرجن ها پر هيل تائين 310 ارب رپيا مليا آهن. اهڙي طرح 9 مهينن ۾ وفاقي حڪومت طرفان سنڌ کي 60 ارب رپيا گهٽ مليا آهن. اميد آهي ته وفاقي حڪومت ايندڙ ٻه کان ٽن مهينن ۾ سموري رقم جاري ڪري ڇڏيندي.

صوبائي آمدني جو ڪاٿو 6. 124 ارب رپيا لڳايو ويو هو جنهن مان خدمتن تي جي ايس ٽي جي لاڳت 61 ارب رپيا ۽ ٻين صوبائي ٽيڪسن جو ڪاٿو 63.6 ارب رپيا لڳايو ويو هو، هينئر تائين 9 مهينن ۾ 83.8 ارب رپيا وصول ٿيا آهن جڏهن ته 93 ارب رپيا وصول ٿيڻ گهربا هئا، اهڙي طرح صوبائي وصولين ۾ به 10 ارب رپيا گهٽ آهن. مجموعي طور تي 70 رپين جون گهٽ وصوليون ٿيون آهن. سنڌ جي روينيو خرچن جو ڪاٿو 503.3 ارب رپيا لڳايو ويو هو جنهن مان 9 مهينن دوران 395.3 ارب رپيا جاري ڪيا ويا آهن ۽ ان رقم مان 285.2 ارب رپيا خرچ ٿي چڪا آهن. هلندڙ مالي سال جي بجيٽ لاءِ 162 ارب رپيا سالياني ترقياتي پروگرام يعني اي ڊي پي لاءِ مختص ڪيا ويا هئا. سنڌ جو اي ڊي پي 142 اربر پيا آهي جڏهن ته ضلعن جو اي ڊي پي 20 ارب رپيا آهي. صوبائي اي ڊي پي جا 142 ارب رپين مان هينئر تائين 88.4 ارب رپيا جاري ڪيا ويا آهن ان مان 61.4 ارب رپيا خرچ ٿي چڪا آهن، اهڙي طرح ضلعن جا 120 اربر پيا اي ڊي پي مان 2.8 ارب رپيا جاري ٿي چڪا آهن.

پاڪستان جو ائيني ڍانچو اهڙو آهي جنهن ۾ گهڻو ڪري ٽيڪسن جي وصولي وفاقي حڪومت ڪندي آهي تنهن ڪري صوبن کي وفاق فرف ڏسڻو پوندو آهي جيڪڏهن اها وصولي صوبن کي ڏني وڃي ته اسان کي وفاق طرف ڏسڻ جي ضرورت نه هجي. ه سنڌ ٽيڪسن جي وصولي ۾ نمبر ون آهي. وفاق ۽ ٽنهي صوبن کان اڳتي آهي. اسان جي ٽيڪسن جي وصولي جو تناسب سڀني کان بهتر آهي. سنڌ حڪومت ڪنهن سياسي جماعت کي نه پهريان ”پراسڪيوٽ“ ڪيو آهي ۽ نه ئي آئنده ڪندي، صرف ڏوهاري ماڻهن کي پراسيڪيوٽ ڪيو ويندو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *