حڪومت جون بندش پيل تنظيم سان ڳالهيون ڪامياب، ٽي ايل پي خلاف ڪيس واپس وٺڻ جو اعلان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو اهي ته اربع تائين بندش پيل تنظيم جا ڪيس واپس وٺي ڇڏينداسين شيڊول فور کي به ڏسنداسين، فرانس جي سفير وارو معاملو قومي اسيمبلي ۾ کڻي وينداسين مريدڪي ۾ ويٺل ماڻهو ٻن ڏينهن ۾ واپس هليا ويندا اسلام آباد آئي جي کي چوان ٿو ته ڪٽينرز هٽائي ڇڏيو، پر جي ٽي روڊ تي ڪنٽينرز موجود رهندا. بندش پيل جماعت جو پنجاب ۾ ٽيون وڏو ووٽ بئنڪ آهي سمورين سياسي پارٽين سان ڳالهين لاءِ تيار آهيان مذهبي ماڻهن سان ٽڪراءُ نه ٿيڻ گهرجي. احتجاج سندن حق آهي، حڪومت جو ڪم آهي ته لچڪ رکي حڪومت کي جوڊو ڪراٽي نه ڪرڻ گهرجي، پاڪستان مسلمان دنيا جي واحد نيوڪليئر اسٽيٽ آهي، افغانستان کان پوءِ پاڪستان پابندين کان محفوظ رهيو پر ملڪ جون معاشي حالتون سخت اهن، ڊي جي آئي ايس آئي جي فيصلي جو وزيراعظم عمران خان يا ان جي ترجمان کي پتو هوندو ماڻهو هاڻي کان اليڪشن مهم تي نڪري پيا آهن. اڳيون بجيٽ اليڪشن بجيٽ هوندو آچر تي هتي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي گهرو وزير چيو ته ٽي ايل پي سان 8 ڪلاڪ ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، اڱارو ۽ اربع تائين ٽي ايل پي جا ڪيس واپس وٺي فورٿ شيڊول ڏسنداسين. شيخ رشيد چيو ته اسان جي خواهش آهي ته امن امان جي مسئلي کي بهتر ڪرڻ گهرجي گهرو وزير چيو ته بندش پيل تنظيم جو اعتراض درست آهي ته 6 مهينن تائين ان کي نه ٻڌو ويو شيخ رشيد ٻڌايو ته سعد رضوي سان به ڳالهه ٻولهه تفصيلي ٿي آهي، ٽي ايل پي سان فرانس جي سفير جي حوالي سان ڳالهه ڪئي وئي مان چيو ته پاڪستان واحد مسلم ايٽمي پاور آهي فرانس جو سفير هاڻي موجود نه آهي معاملو اسيمبلي ۾ کڻي وينداسين هن چيو ته ايف اي ٽي ايف تي اسان جي ڪارڪردگي سٺي رهي سومر جي صبح گهرو وزارت ٽي ايل پي جا ماڻهو ايندا هن چيو ته ڳالهين ۾ دير ٿي هي مشڪل سوال آهي هنچ يو ته پاڪستان ڀارت جي مئچ اڄ تائين مس ناهي ڪئي هن ڀيري پاڪ ڀارت مئچ ٽي وي تي ڏسڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هنچ يو ته پهريون ڀيرو مئچ نه پيو ڏسان جاويد ميانداد ڇڪو هنيو هو تڏهن به مان وزير هيس. ڇا مان مئچ لاءِ پاڪستان جو ايڏو وڏو مسئلو ڇڏي ڏيان، هڪ سوال تي هن چيو ته پاڪستان جو هن وقت ڊي جي آئي ايس آئي جنرل فيض حميد صاحب آهي هن چيو ته راولپنڊي اسلام آباد جي انتظاميه کي چوان ٿو ته رستن تان ڪنٽينر هٽائي ڇڏي هن چيو ته مان سياسي ورڪر آهيان سمورين پارٽين سان ڳالهين لاءِ تيار آهيان. هن چيو ته اسان کان وڌيڪ ڪنهن ختم نبوت جي معاملي تي جيل جون سختيون ڏٺيون آهن گهرو وزير شيخ رشيد آهي سوال ئي پيدا نٿو ٿئي ته ختم نبوت تي حرف اچي، هن چيو ته ٽڪراءُ جي حق ۾ نه آهيان صوبائي گهرو وزير نه آهيان مان هن ڪميٽي جي صدارت نه پئي ڪرڻ چاهيس پر سعد رضوي صاحب سميت ٻين جي خواهش تي ڪميٽي جي صدارت ڪئي. هن چيو ته ٽي ايل پي کي بين ناهي ڪيو، هو اليڪشن وڙهي رهيا آهن، نه اسان سپريم ڪورٽ وياسين هن چيو ته رياست جو ڪم ڏنڊو کڻڻ نه آهي، امن چاهيون ٿا ٽڪراءُ نه، هن چيو ته امڙيون فون ڪن ٿيون ته ٻارڙن کي اسڪول وڃڻو آهي، پنڊي اسلام آباد جي جوائنٽ ڪميٽي بڻائڻ چاهيون ٿا هن چيو ته ٻه ماڻهو اسان جا شهيد ٿيا آهن، اسان جهيڙو اڳتي وڌائڻ نٿا چاهيون سياستدان جو ڪم آهي ته وچ ٿرو رستو ڪڍڻ ڪوشش ڪنداسين ته مريدڪي ۾ ويٺل ماڻهو پنهنجي گهرن ڏانهن واپس وڃن هڪ سوال تي هن چيو ته عمران خان سان گڏ آيو آهيان عمران خان سان گڏ ئي واپس ويندس الله مان اميد آهي ته عمران خان 5 سال پورا ڪندو. هن چيو ته پي ڊي ايم ڪهڙو فائدو وٺندي، نومبر ڊسمبر ۾ هي ٿورڙي ورزش ڪن ٿا هن چيو ته اسان وٽ 2 آپشن آهن، جهيڙو وڌايون يا معاملي کي سلجايون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *