ارطغرل غازي جي محبت ۾ گرفتار ٿي وئي آهيان، ترڪ ڊرامي مون کي تمام گهڻو متاثر ڪيو : جوريه سعود

لاهور(م.ڊ) پاڪستاني اداڪاره ۽ ميزبان جويريه سعود چيو آهي ته مان ارطغرل غازي جي محبت ۾ گرفتار ٿي وئي آهيان. هن ترڪ ڊرامي مون کي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي. ميڊيا رپورٽ موجب اداڪاره سوشل ميڊيا تي ترڪ ڊرامه سيريل لاءِ تعريفي پيغام لکيو آهي. هن ڊرامي جو هڪ پوسٽر به شيئر ڪيو. جويريه سعود پنهنجي پوسٽ ۾ ترڪ ڊرامه سيريل/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 04

 جي لاءِ تعريفي پيغام لکيو آهي. هن ڊرامي جو هڪ پوسٽر به شيئر ڪيو جويريه سعود پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو آهي ته هن ترڪ ڊرامي سيريل ۾ دين اسلام، هڪ حقيقي مسلمان ۽ سنتن کي بهتر انداز ۾ پيش ڪيو ويو جيڪي يورپين ماڻهو به ڏسي رهيا هوندا. جويريه وڌيڪ چيو ته ارطغرل غازي ۾ مسلمانن جي اها تاريخ ڏيکاري وئي آهي جيڪا اڪثر يورپي ثقافتي تاريخ ۾ اسان کي ڏسڻ جي لاءِ نه ملندي هئي. هن چيو ته ارطغرل غازي کي پاڪستان ۾ تمام گهڻي موٽ ملي آهي ۽ اميد آهي ته هي ڊرامو سمورا رڪارڊ ٽوڙيندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *