خواهش آهي ته شاهد آفريدي جلد ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿي ويندو: گوتم گمڀير

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ا ڳوڻي ڀارتي رانديگر گوتم گمڀير پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته منهنجي خواهش آهي ته شاهد آفريدي جلد ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿي ويندو. تفصيل موجب اڳوڻي انڊين رانديگر گوتم /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 36

گمڀير پنهنجي سخت رويي کي پاسي تي رکندي پاڪستاني آل رائونڊر شاهد آفريدي جي ڪورونا وائرس مان جلد صحتيابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته ڪنهن کي به ان وائرس مان متاثر نه ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن منهنجي ۽ شاهد آفريدي جي وچ ۾ سياسي اختلاف آهن پر مان چاهيان ٿو ته هو جلد کان جلد هن مرض مان صحتياب ٿي وڃي. ٻئي طرف اڳوڻي ڏکڻ آفريڪي رانديگر هرشل گبز به پنهنجي ٽوئٽ ۾ شاهد آفريدي کي مشڪل حالتن ۾ حوصلو ڏنو آهي. جڏهن ته بنگلاديش جي رانديگر مشفق الرحيم به پنهنجي ٽوئٽ ۾ ان جي لاءِ دعا ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئٽ ۾ مشفق الرحيم لکيو آهي ته ڀاءُ مون کي اوهان جي باري ۾ خبر تي تڪليف ٿي آهي الله تعاليٰ کان دعا آهي ته هو اوهان کي جلد شفا ڏئي انشاءَالله اوهان جلد صحتياب ٿي ويندو. ياد رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان ۽ آل رائونڊر شاهد آفريدي به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو آهي جنهن کان پوءِ هن قوم کي دعا جي اپيل ڪئي آهي. 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *