ٻئي شادي ڪرڻ جو فيصلو سوچي سمجهي ڪيو آهي: ماهره خان سليم ڪريم سان جلد شادي ڪرڻ جو فيصلو

لاهور (م.ڊ) پاڪستان جي خوبصورت اداڪاره ماهره خان جلد شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ان باري ۾ هن چيو آهي ته مون ٻئي شادي ڪرڻ جو فيصلو سوچي سمجهي ڪيو آهي. ميڊيا رپورٽ موجب شادي/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 01

 لاءِ ماهره خان ۽ ان جي پسند سليم ڪريم جي خاندانن ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي ۽ جلد ئي ان حوالي سان خوشخبري ٻڌڻ لاءِ ملندي. ماهره پنهنجي هڪ تازي انٽرويو ۾ چيو هو ته اسان جي معاشري ۾ شادي هڪ وڏو فيصلو آهي ۽ ان جي باري ۾ سوچي رهي آهيان. تمام جلد ان حوالي سان مداحن کي خوشخبري ٻڌائيندس. ماهره خان چيو ته منهنجي پهرين شادي 2007 ۾ 21 سالن جي عمر ۾ ٿي هئي جڏهن مان ميچوئر به نه هئس پر هاڻ مون شادي ڪرڻ جو فيصلو سوچي سمجهي ڪيو آهي. مون کي اميد آهي ته منهنجي هي ٻئي شادي ڪامياب ويندي ۽ مان ۽  سليم ڪريم خوشگوار زندگي گذارينداسين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *