اجلاس ۾ دهشتگردي خلاف گڏجي مقابلو ڪرڻ تي اتفاق ٿيو: ڊي جي آءِ ايس پي آر

اسلام آباد (اين اين آءِ) ڊِي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته آرمي چيف جي بريفنگ ۾ اتفاق ڪيو ويو ته اسان سڀ گڏجي اڳتي وڌانداسين، سينيٽ جي ڪميٽي کي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پاران بريفنگ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هڪ ڪلاڪ بريفنگ ٿي ۽ 3 ڪلاڪ سوالن ۽ جوابن جو سيشن ٿيو، اجلاس دوران دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس ۾ ڊي جي ايم او سيڪيورٽي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني، ميجر جنرل آصف غفور ٻڌايو ته هي هڪ زبردست سيشن هو جنهن ۾ سيڪيورٽي بابت جيو اسٽريٽجڪ جي معاملن تي ڳالهيون ٿيون، بريفنگ ۾ دهشتگردي خلاف جنگ، نيشنل سيڪيورٽي جي خطرن کان آگاهه ڪيو ويو ۽ ايندڙ حڪمت عملي بابت ڳالهيون ٿيون. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ان دوران بهتر نموني سوال ۽ جواب ڪيا ويا، سينيٽرن، آرمي چيف ۽ سندس ٽيم جي اچڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو، سينيٽرن پاڪستان جي فوج جي ڪردار جو به اعتراف ڪيو، ترجمان موجب سيشن ۾ سمورا سوال ميرٽ تي ڪيا ويا، آرمي چيف انهن جا تفصيلي جواب ڏنا، آصف غفور چيو ته سمورا ميمبر سوال نه ڪري سگهيا، جڏهن ته ڪجهه ميمبرن جا سوال هئا جن تي آرمي چيف جواب ڏئي انهن جا خدشا ختم ڪيا، ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب سينيٽر ميمبر سيڪيورٽي صورتحال تي وڌيڪ باخبر هئا، جڏهن ته سيڪيورٽي صورتحال تي پاڪ فوج جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي وئي ۽ اتفاق ڪيو ويو ته پاڪستان کي خطرن جو گڏجي مقابلو ڪنداسين، پاڪ فوج جي ترجمان ڊگهي انتظار لاءِ صحافين جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته تفصيلي پريس ڪانفرنس ايندڙ 3 کان 4 ڏينهن اندر ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *