آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين جاري رهنديون ۽ ڳالهين جي ڪاميابي لاءِ پراميد آهيون: حفيظ شيخ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين جاري رهنديون ۽ ڳالهين جي ڪاميابي لاءِ پراميد آهيون. خانگي ٽي وي موجب پاڪستاني وفد جي قيادت ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ ڪئي ناڻي واري وزارت جا ٽي ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ هڪ سينيئر جوائنٽ سيڪريٽري پڻ ڳالهين جو حصو هئا. ذريعن موجب ڳالهين ۾ معاشي ترقي، پاليسي حڪمت عملي آءِ ايم ايف پروگرام جو جائزو ورتو ويو. ذريعن موجب ڳالهين دوران ايف بي آر جي ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم تي بريفنگ ڏني وئي جڏهن ته آءِ ايم ايف وفد کي نجڪاري پروگرام، گئس ۽ بجلي جي قيمتن تي به بريفنگ ڏني وئي. ڳالهين کان پوءِ ميڊيا سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪندي ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ  چيو ته آءِ ايم ايف سان شروعاتي ڳالهيون ڪيون ويون آهن، آءِ ايم ايف کي اقتصادي سڌارن واري ايجنڊا کان آگاهه ڪيو ويو آهي.  حفيظ شيخ ٻڌايو ته ڳالهيون ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين جاري رهنديون ۽ پراميد آهيون ته آءِ ايم ايف سان ٿيندڙ ڳالهيون ڪامياب ٿينديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *