احتساب هميشه پهرين ترجيح رهندي، قومي مفاهمي آرڊيننس (اين آر او) گهرندڙن احمقن جي جنت ۾ رهندا آهن: وزير اعظم

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان هڪ دفعو ٻيهر واضح ڪيو آهي ته رول آف لا کان ڪنهن به صورت پوئتي نه هٽندس ادارا پاڪستان کي مضبوط رکڻ لاءِ هڪ پچ تي آهن ادارن جي نئين سر تعمير ۽ مضبوطي کان سواءِ ڪم نه هلندو ميڊيا قوم جي تعليم ۽ تربيت جو فرض ادا ڪيو ڪرپشن رياست لاءِ زهر آهي ذريعن موجب وزراعظم عمران خان سان بابر اعواڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ اڳوڻي وزيراعطم ميان نوازشريف جي اي سي ايل ڪيس سميت آئيني قانوني ۽ سياسي معاملن تي صلاح مشورا ڪيا ويا وزيراعظم عمران خان ڳالهائيندي چيو ته رول آف لا کان ڪنهن به صورت ۾ پوئتي نه هٽندس وزيراعظم عمرنا خان چيو ته احتساب هميشه پهرين ترجيحي رهندي قومي مقامي آرڊيننس گهرندڙ احمڪن جي جنت ۾ رهن ٿا بابر اعواڻ چيو ته سڌاراتي ايجنڊا تحت ادارا مضبوط ٿي ريها آهن وزراعظم جي اڻ ٿڪ ڪوششن ۽ اڪنامڪ ريفارمس جي ذريعي مثبت تبديليون اچي رهيون آهن بابر اعواڻ چيو ته اڪنامڪ ريفارمز جا ثمر جلد غريب عوام تائين پهچندا هن چيو ته وقت ثابت ڪندو ڏکيا فيصلا قوم جي فائدي ۾ هئا هن چيو ته حڪومت جي احساس پروگرام تحت غريب عوام تائين رليف پهچندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *