نوازشريف ۽ شهبازشريف پنهنجو پاڻ کي عدالت جي ڄار ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعطم جي سڌسماءِ جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ميان نوازشريف ۽ شهبازشريف پنهنجو پاڻ کي عدالت جي ڄار ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي پنهنجي هڪ بيان ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ميان صاحب جي صحت کي بنياد بڻائي ڪنهن کي سياست ڪرڻ جي ضرورت نه آهي صحتمند نوازشريف سان سياسي مئچ جاري رهندي هن چيو ته ٻنهي ڀائرن پنهنجو پاڻ کي عدالت جي ڄار ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي قانون انهن جو پيڇو ڪندو رهندو سندس چوڻ آهي ته جنوري ۾ ٿيندڙ ٻڌڻي ۾ حڪومت جي سوالن کي عدالت ۾ ٻڌو ويندو ٻئي پاسي فردوس عاشق اعواڻ ڀارتي رٽائرڊ جنرل جي ٽي وي تي ڪشميري عورتن سان زيادتي جي حمايت جي بيان جي سخت مذمت ڪئي آهي هن چيوت ه اهڙا بيان قاتل ۽ غاصب مودي حڪومت جي انهن دعوائن جي ترديد آهي ته ڪشمير ۾ زندگي معمول تي اچي ويئي آهي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته سلام پيش ڪيون ٿا پنهنجي ڪشميري مائرن ۽ ڀينرن کي جن جرئت شجاعت ۽ بهادري سان ڀارتي ظلم جو مقابلو ڪيو. عالمي برادري ڀارتي فوج جي اهڙن ذهني بيمارن ۽ انسانيت جي مجرمن جي خلاف سخت ردعمل جو اظهار ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *