آزادي مارچ ۽ ڌرڻو بنا ڪنهن نقصان جي ختم ٿيڻ تي حڪومت کي واڌايون ڏيان ٿيون: صدر عارف علوي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) صدر عارف علوي چيو آهي ته آزادي مارچ ۽ ڌرڻو بنا ڪنهن نقصان جي ختم ٿيڻ تي حڪومت کي واڌايون ڏيان ٿيون. ڪوئيٽا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي صدر عارف علوي چيو ته ڪشمير جي معاملي تي پاڪستان سڄي دنيا ۾ ڀرپور نموني ڪردار ادا ڪيو آهي، گڏيل قومن ۾ تقرير ڪري وزيراعظم مسلم امت جي بهتر طريقي سان نمائندگي ڪئي، ڀارت پنهنجي ناپاڪ مقصدن سبب ڄار ۾ ڦاسندو پيو وڃي، جڏهن ته ڀارت جي بزدلاڻي ڪارروائين تي پاڪ فوج ڀرپور جواب ڏنو آهي. هن چيو خوشي ٿيڻ گهرجي ته عدالتون کليل آهن ۽ هر فرد پنهنجو معاملو عدليا سامهون پيش ڪري سگهي ٿو، آرمي چيف جي مدي جي حوالي سان 2 مهينا اڳ فيصلو ٿي چڪو آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته نيب جيڪڏهن ڪو غير قانوني ڪم ڪندو ته ميڊيا کي ان جي نشاندهي ڪرڻ گهرجي، منهنجي خواهش آهي ته پارليامينٽ قانون سازي بابت پنهنجو ڪم ڪندي رهي، جڏهن ته وفاق ۽ صوبائي حڪومتن ۾ ڪنهن به قسم جون وڇوٽيون ناهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *