حڪومت جو چيف اليڪشن ڪمشنر جي خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (اين اين آءِ) حڪومت چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رصا جي خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي خانگي ٽي وي ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ته گذريل ڏينهن اهم اجلاس دوران چيف اليڪشن ڪمشنر جي خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ لاءِ قانوني صلاح مشورا ڪيا ويا ذريعن موجب حڪومتي ريفرنس ۾ سردار رضا کي عهدي تان هٽائڻ جي اپيل ڪئي ويندي واضح رهي ته چيف اليڪسن ڪمشنر حڪومت پاران مقرر ڪيل نون اليڪشن ڪميشن ميمبرن کان حلف وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو هن موقف اختيار ڪيو ته نون ميمبرن جي مقرري آئين جي ڀڃڪڙي آهي جيڪا آئين جي شق 213 ۽ 214 مطابق نه ٿي جيڪا پوءِ اليڪشن ڪميشن جي نون ٻين ميمبرن جي مقرري کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *