احتساب جي نالي انتقام ورتو پيو وڃي، سنڌ کي پنهنجو حق نه ٿو ملي: بلاول ڀٽو زرداري

نوابشاهه ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زراري جي قيادت ۾ ٽرن مارچ ” ڪاروان ڀٽو “ اڄ نوابشاهه کان لاڙڪاڻي لاءِ روانو ٿيندو.  ٽرين مارچ، محرابپور، خيرپور، روهڙي، سکر ۽ حبيب ڪوٽ کان ٿيندو لاڙڪاڻي پهچي پنهنجي پڄاڻي تي پهچندو. پيپلز پارٽي جو ٽرين مارچ پهريون مرحلو مڪمل ڪري گذريل ڏينهن نواب شاهه پهتو هو. پيپلزپارٽي جي جيالن جي وڏو انگ به بلاول سان گڏ آهي، جيالن طرفان هنڌ هنڌ سندس شاندار استقبال ڪيو ويو ويو ۽ پرجوش جيالن پارٽي قيادت جي حق نعرا پڻ هنيا. ٽرين مارچ جي آمد تي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن بلاول تي گلن جي ورکا ڪئي، گيتن، تي رقص ڪيو، ، جڏهن ته انتظاميه پاران سيڪورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي هڪ وڏي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو 40سال گذرڻ باوجود اڄ به ماڻهو پيپلز پارٽي سان  پيار ڪن ٿا .نوابشاهه ريلوي اسٽيشن تي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ان جو چٽو مثال اوھان جي سامهون آهي اڄ ھزارين ماڻهو  استقبال لا۽ ھتي پھتا آهن. ھن چيو ته مخالف ڇا ٿا سمجهن ته  بلاول ڀٽو ڊڃي ويندو پر مخالفن کي اھو ٻڌائڻ  ٿو چاھيان ته اسان ھميشا  ميدان تي رھيا آھيون .ھن چيو   ته وفاقي حڪومت انتقامي ڪاروين تي لهي آئي آهي، جنهن تي کي اعتراض آهي، اسان جا ووٽ چوري ڪري بدنام ڪيو پيو وڃي. احتساب جي نالي تي  من گهڙت ڪيس مڙهيا پيا وڃن، عوام کي بي وقوف بڻايو پيو وڃي، شهيد ڀٽو، شهيد بينظير جي ڪيسن جو ڪو به سوموٽو ايڪشن نه ورتو وڃي .هن چيو ته  سنڌ  کي پنهنجو حق  نٿو ڏنو وڃي، عوام بک، بي روزگاري مهانگائي کان تنگ اچي ويو آهي، اسين عوام سان گڏ آهيون، شهيد بينظير جي مشن کي پورو ڪرڻ لاء عوام اميدن تي پورو لهندس. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته هي ڇا ٿا سمجهن ته نيب گردي ذريعي اسان جو رستو روڪي وٺندا، اسان ڄاڻو ٿا ته نيب ڪارو قانون آهي، اهي سمجهن ٿا ته شهيد ڀٽو جو ڏوهٽو ۽ بي بي جو پٽ ڊڄي ويندو، اسان دهشتگردن، مشرف،  آمرن کان نه ڊناسين ته اوهان کان ڇا ڊڄنداسين. ڌانڌلي ذريعي ٺهندڙ حڪومت جو احتساب ٿيندو ۽ وزيراعظم هائوس مان هاڻي کي رڙيو اچڻ شروع ٿي ويون آهن. اڃا ته رڳو ٽرين مارچ جي شروعات ڪئي آهي، جڏهن لانگ مارچ ڪنداسين ته هنن جو ڪهڙو حشر ٿيندو. بلاول چيو ته اسان کي احتساب تي ڪو به اعتراض ناهي ڪرپٽ ماڻهن کي پڪڙيو وڃي پر احتساب جي نالي تي انتقامي ڪارروائي منظور ناهي، پنجاب ۽ ڪي پي اسان جو رستو روڪيو ويو، اليڪشن مهم هلائڻ نه ڏني وئي، حڪومت جا اهي سڀ حربا پيپلز پارٽي جو رستو روڪڻ لاءِ آهن، پ پ جي سينيئر قيادت ۽ اميدوارن کي چونڊن کان اڳ نااهل قرار ڏنو ويو، پيپلز پارٽي تي پارٽي ڇڏڻ جو دٻاءُ وڌو ويو. بلاول وڌيڪ چيو ته عوام جي حقن تي ڪو به ٺاهه نه ڪنداسين، تبديلي سرڪار معاشي دهشتگردي ڪري رهي آهي، هارين جو معاشي قتل ٿي رهيو آهي، بجلي مهانگي آهي اهو آهي نئون پاڪستان، اسان ڪٺ پتلي حڪومت کي نٿا مڃون، اهو ڪهڙي قسم جو نظام ۽ ڪهڙي قسم جو وزيراعظم آهي، جيڪو مودي خلاف دهشتگردن خلاف پابندي مڙهيل تنظيم خلاف ڪجهه نٿو ڪري ۽ سياسي انتقام وٺي رهيو آهي، منهنجي نيرن ۽ ڌوٻي جي بلن تي جي آءِ ٽي جوڙي سگهي ٿي ته پابندي مڙهيل تنظيمن ۽ ساڻن لاڳاپا رکندڙ وزيرن خلاف جي آءِ ٽي ڇو نٿي جوڙي سگهي. ان موقعي تي پ پ اڳواڻن  صوبائي وزير سيد سردار شاهه، سيد ناصر شاهه ،عاجز ڌامراھ، نثار کهڙو۽ ٻين پڻ  خطاب ڪيو،

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *