حجم، پلمبر، ريڙهي وارو ۽ نان وارو موبائيل ٽيڪس ڇو ادا ڪري: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان هڪ سال ۾ وصول ڪيل ٽيڪسن جا تفصيل طلب ڪري ورتا. سپريم ڪورٽ ۾ موبائيل فون ڪال جي واڌو ٽيڪسن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. اعليٰ عدالت وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان هڪ سال ۾ وصول ڪيل ٽيڪسن جا تفصيل طلب ڪري ورتا.  وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن پنهنجي موقف ۾ چيو ته موبائيل ٽيڪس جو معاملو 4/184 ( عوامي مفاد واري معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس ) ۾ نٿو اچي.  جنهن تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پڇاڻو ڪيو ته موبائيل فون ٽيڪس جو معاملو 3/184 ۾ اچي ٿو؟ جنهن تي اٽارني جنرل جواب ڏيندي چيو ته موبائيل فون ٽيڪس وارو معاملو عوامي مفادن وارن معاملن ۾ نٿو اچي.  جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته پارليامنٽ جو بنيادي ڪم ڇا آهي، ملڪ هلائڻ لاءِ بنهه پئسي جي ضرورت پوندي آهي. پر ڇا پارليامنٽ جو ڪم رڳو ٽيڪس گڏ ڪرڻ آهي؟  جسٽس اعجاز الحسن به چيو ته حجم، پلمبر، ريڙهي وارو ۽ نان وارو موبائيل ٽيڪس ڇو ادا ڪري، حڪومت اهو ڪيئن طئي ڪندي ته ڪير ٽئڪس ادا ڪندو ڪير نه؟ موبائيل ٽيڪس اهو ئي ڏيندو جيڪو ٽيڪس ڏيندڙ هجي، جيڪو شخص گهربل معيار تي پورو ئي نٿو لهي اهو هولڊنگ ٽئڪس ڇو ادا ڪري. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پڇو ته ڇا 10 سيڪڙو سروس جارچز ختم ڪرڻ تي ڪو اعتراض آهي؟ نجي موبائيل ڪمپني جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اعليٰ عدالت جي حڪم تي موبائيل ڪمپني پنهنجا ڏهه سيڪڙو سروس چارجز  ختم ڪري ڇڏيا آهن.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *