قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو جي ايس ٽي ۾ واڌ خلاف احتجاج، اجلاس جو بائيڪاٽ، واڪ آئوٽ

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي جي اجلاس مان گڏيل اپوزيشن پيٽروليم شين تي جي ايس ٽي ۾ واڌ خلاف بائيڪاٽ ڪيو ويو، خورشيد شاهه چيو آهي ته  ايوان جي منظوري کانسواءِ ڪا به ٽيڪس نٿي لاڳو ٿي سگهي، پارليامينٽ کي ختم ڪرڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن، مسئلا حل نه ٿيا ته روڊن تي هونداسين. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ پيٽروليم شين تي جي ايس ٽي ۾ واڌ ۽  پي آءِ اي جي ڪارڪردگي سميت مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو. اجلاس ۾ پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته پيٽروليم تي 10 سيڪڙو جي ايس ٽي لڳائڻ پارليامينٽ جي خودمختيار تي حملو آهي. هن چيو ته آمريڪا ۽ يورپي ملڪن ۾ بجيٽ هڪ ڀيرو پيش ٿئي پئي پر پاڪستان ۾ اهو رواج ختم ڪيو ويو آهي. خورشيد شاهه چيو ته هر مهيني حڪومت نئون ٽيڪس لاڳو ڪري رهي آهي، گذريل ڏينهن ٿيل اقتصادي رابطه ڪميٽي جي اجلاس ۾ به هڪ سئو 85 شين تي ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو. هن چيو ته فرنس آئل تي به 5 سيڪڙو ڊيوٽي لاڳو ڪئي وئي آهي، جيڪڏهن سڀ ٽيڪس پارليامينٽ کان ٻاهر ئي لاڳو ٿين پيا ته “ اسان” جو هتي ويهڻ جو ڪهڙو جواز آهي، ڇا هـُو خان صاحب وٽ دانهن کڻي وڃن. اپوزيشن ليڊر چيو ته سيف الرحمان کي هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ کي ڦرڻ لاءِ گهرايو ويو آهي، وزيراعظم نواز شريف ميون جي دڪان تي اگهه معلوم ڪرڻ وڃي ٿو پر کيس سبزي وارن وٽ وڃڻ گهرجي ها، جتي غريب عوام هوندو آهي. خورشيد شاهه چيو ته ملڪي تاريخ ۾  رڳو هڪٻئي جا پير ڪڍڻ جون ڪوششون ٿيون آهن، پهريون ڀيرو سڀني متحد ٿي پارليامينٽ کي مضبوط ڪيو پر حڪومت ايوان کي اهميت نه پئي ڏئي. هن چيو ته حڪمرانن کي آءِ ايم ايف جي غلامي بند ڪرڻ گهرجي، شينهن جي نشان وارا حڪمران گدڙن وارو ڪم ڇو ڪري رهيا آهن.  ايم ڪيو ايم جي رشيد گوڊيل چيو ته ملڪ ۾ رڳو صنعتڪارن کي تحفظ ڏنو ويو آهي، غريب عوام اڄ به بک مري پيو. خورشيد شاهه ۽ رشيد گوڊيل جي خطاب کانپوءِ مخالف ڌر پاران گڏيل طور اڄوڪي اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، جن ۾ جماعت اسلامي، ايم ڪيو ايم، پ پ پ ۽ قومي وطن پارٽي جا ميمبر شامل هئا. مملڪتي وزير شيخ آفتاب چيو ته اپوزيشن رڳو بهانا بڻائي واڪ آئوٽ ڪري رهي آهي، نان ايشوز تي سياست ڪئي پئي وڃي. اپوزيشن جي واڪ آئوٽ بعد اسپيڪر اجلاس سڀاڻي 11 هين وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته پارليامينٽ جي منظوري کانسواءِ جي ايس ٽي لاڳو ڪيا پيا وڃن، جيڪڏهن مسئلا ايوان ۾ حل نه ٿيا ته هو روڊن تي ايندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *