نيب شريف خاندان ۽ اسحاق ڊار خلاف 4 ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (اين اين آءِ)نيب ايگزيڪٽو بورڊ نوازشريف ۽ ان جي ٻارن جي خلاف 3 رفرنسز ۽ اسحآق ڊار جي خلاف رفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري  ڏئي ڇڏي. رفرنسز اڄ جمعي تي راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي عدالتن ۾ داخل ڪيا ويندا. جڏهن ته  ٻن رفرنسز جي منظوري جون ڪاپيون نيب لاهور ٽو ۾ وڌيڪ رفرنس جي منظوري  جون ڪاپيون نيب راولپنڊيءَ ڏانهن موڪليون ويون. ميڊيا رپورٽ موجب خميس تي نيب جي چيرمين قمر زمان  چوڌري جي صدارت ۾ نيب ايگزيڪٽو بورڊ جو اجلاس نيب هيڊڪوارٽر م ٿيو جنهن ۾ ڊپٽي چيرمين نيب، پراسڪيوٽر جنرل، ڊي جي آپريشن ۽ ٻيا اختيار شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ نوازشريف ان جو پٽ حسن، حسين نواز ۽ ڌيءُ مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر سميت اسحاق ڊار جي خلاف چئن رفرنسز تي غور ڪيو ويو. ايگزيڪٽو بورڊ جي اجلاس ۾ شريف خاندان ۽اسحاق ڊار جي خلاف رفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي جنهن جي تحت نوازشريف ۽ ان جي اولاد جي خلاف رفرنس داخل ڪيا ويندا. رفرنس اڄ جمعي تي راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي عدالتن ۾ داخل ڪيا ويندا، اڳوڻي وزيراعظم  ۽ ان جي اولاد جي خلاف ايون فيلڊ پراپرٽي جڏهن وفاقي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن بابت رفرنس ايگزيڪٽو بورڊ ڏانهن منظوري لاءِ موڪليو ويو. انکانسواءِنيب راولپنڊي پاران شريف خاندان عزيزيه  اسٽل ملز ۽ 11 ڪمپنين بابت ٻه رفرنسز الڳ ايگزيڪٽو بورڊ اجلاس ۾ منظوري لاءِ موڪليا ويا .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *