سنڌو ديش ڳالهه مناسب ناهي، صوبائي خودمختياري تي يقين رکون ٿا: شاهه محمود

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته آئين جو احترام هيو، آهي ۽ رهندو، اسان صوبائي خودمختياري تي يقين رکون ٿا. قومي اسيمبلي ۾ خيالن جي اظهار دوران ڪراچي کي وفاق جي ڪنٽرول ۾ آڻڻ بابت فروغ نسيم جي بيان تي شاهه محمود قريشي چيو ته قانون واري وزير جي ڳالهه کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو پيو وڃي، هن آرٽيڪل 149 جي بيان تي وضاحت به ڏني هئي پر بلاول کي سنڌو ديش ۽ پختونستان جي ڳالهه ڪرڻ مناسب نه هو، سنڌو ديش  پختونستا جي ڳالهه ڪندڙ مار ڪائي ويندا، پرڏيهي ملڪن کي تعصب جو لهر جو تاثر نه ڏيو. هن چيو ته آئين جو احترام هيو، آهي ۽ رهندو، اسان صوبائي خودمختياري تي يقين رکون ٿا، سنڌ هن ملڪ جو حصو آهي، نه سنڌ حڪومت ۾ ڪا ڇيڙ ڇاڙ ڪنداسين ۽ نه ئي بلاول جي حب الوطني تي شڪ آهي، سڀ وفاق جو ساٿ ڏيندا. سندس چوڻ هو ته ڀارت اڄ منهن ڏيکارڻ جوڳو ناهي رهيو، آمريڪي ڪانگريس جي چئن ميمبرن ٽرمپ کي خط لکيو آهي ، 17 سيپٽمبر تي يورپين پارليامنيٽ ۾ ڪشمير مسئلو اٿاريو ويندو، اڄ هندستان جيتري دفائي پوزيشن ۾ آهي اوترو ماضي ۾ نظر ناهي آيو، هندستان کي هر فورم تي منهن جي کائڻي پئي، الله جي فضل سان 58 ملڪن پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *