آصفا سان ڊرون ٽڪرائجڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ پ پ جو ڊي جي آءِ ايس آءِ کي خط

آصفا سان ڊرون ٽڪرائجڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ پ پ جو ڊي جي آءِ ايس آءِ کي خط

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي آصفا ڀٽو زرداري سان ڊرون ٽڪرائجڻ جي معاملي جي جاچ لاءِ انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) جي ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم کي خط لکي ڇڏيو. پ پ جي پڌرائيءَ موجب پارٽي طرفان ڊي جي آءِ ايس آءِ کي خط سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري لکيو آهي، خط ۾ واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ۽ ان جي شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته 4 مارچ تي خانيوال ۾ پ پ جي عوامي مارچ ۾ ڪنٽينر تي بيٺل آصفا ڀٽو زرداري کي ڪئميرا ڊرون لڳو هو، جنهن جي نتيجي ۾ هوءَ زخمي ٿي پئي هئي ۽ کيس علاج لاءِ اسپتال نيو ويو هو. ڪجهه ڏينهن اڳ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به عوامي مارچ ۾ پنهنجي ڀيڻ آصفا سان ڊرون ٽڪرائڻ جي واقعي تي آءِ ايس آءِ ۽ انٽيليجنس ادارن کان جاچ جو مطالبو ڪيو هو. اسلام آباد ۾ پارٽي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو هو ته آصفا بي بي سان ڪئميرا ڊرون ٽڪرائڻ کي اسان پنهنجي لاءِ پيغام سمجهون ٿا، آءِ ايس آءِ کي درخواست ڪندس ته ان معاملي تي جاچ ڪري، ٻين ايجنسين کي به درخواست ڪندس ته جاچ ڪن، ان معاملي تي اسان کي حڪومت تي اعتماد ناهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *