عمران خان جو وڃڻ يقيني ٿي چڪو آهي ۽ ان کي ڪوئي موجزو ئي بچائي سگهي ٿو: سعيد غني

ڪراچي (اين اين آءِ) سڌسماءَ واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته هاڻي عمران خان کي وڃڻو پوندو ۽ انکي ڪوئي هاڻي معجزو بچائي سگهي ٿو شيخ رشيد فواد چوڌري سميت جيڪڏهن موجوده وفاقي ڪابينه کي جيڪڏهن هي پڪ ڏياري وڃي ته ان جي وزارت ختم نه ٿيندي ته اهي به سڀ عمران نيازي جي خلاف عدم اعتماد جو ووٽ ڏيڻ لا3 تيار ٿي ويندا هن وقت وزيراعظم جي زبان نه پر ان جي دماغ کي ٺيڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي عمران خان اڳوڻو وزيراعظم بڻجي اپوزيشن ۾ ايندو ته ان کان پوءِ آخر ۾ ان کي به آصف زرداري جي در تي اچڻو پوندو اها ڳالهه واضح آهي ته اسان غنڊه گردي سان ڪنهن آئيني عمل کي ناڪام نه ٿيڻ ڏينداسين اهڙن خيالن جواظهار هن اربع ڏينهن اسلکام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو سعيد غني چيو ته گذريل ڏينهن اورسيز پاڪستانين وزيراعظم پاران جيڪا ڳالهه ڪئي وئي هئي ان تي ان جي پنهنجي عهديدارن سخت احتجاج ڪيو آهي هنچ يو ته عمران نيازي چئي رهيوهو ته اسان جي معيشت بهتر ٿي آهي ۽ هو ان تي چئلينج ڪري رهيو هو هن چيو ته ساڍن ٽن سالن دوران 7 ايف بي آر جا چيئرمين، پنج ناڻي وارا سيڪريٽري ۽ 4 ناڻي جا وزير تبديل ٿيا هجن ته ان ملڪ جي معيشت جو پتو سڀني کي پئجي وڃي ٿو هن چيو ته عمران خان جڏهن به آئي جي پنجاب لڳايو دعويٰ ڪئي ته هاڻي پنجاب جي امن امان جون حالتون بهتر ٿينديون ڇو ته ان قابل آئي جي لڳايو آهي ۽ وري ڪجهه مهينن کان پوءِ هي آئي جي خراب ۽ ٻيو نئون آئي جي پنجاب سٺو لڳائڻ جي دعويٰ ڪندو رهيو آهي هن چيو ته موجوده ناڻي واري وزير هن عهدي تي اچڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ اهو بيان ڏنو هو ته هن ملڪ جي معيشت جو ٻيڙو ٻڏي رهيو آهي ۽ ان کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ ڪيترائي سال لڳي ويندا ۽ هاڻي عمران نيازي معيشت بهتر هجڻ جي دعويٰ ڪري رهيو آهي هن چيو ته جيڪڏهن معيشت بهتر ٿي آهي ته ان جو اندازو گهٽين ۾ وڃي عوام کان پڇو ته هر ماڻهو ان ڳالهه تي روئي رهيو آهي ته ان جي حياتي عذاب بڻجھي وئي آهي سعيد غني چيو ته عام ماڻهو جي خريد ڪرڻ واري سگهه ختم ٿي وئي آهي ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو هن ملڪ جي تاريخي سطح تي پهچي چڪو آهي ملڪ جي امپورٽ ۾ اضافو جڏهن ته ايڪسپورٽ ۾ گهٽتائي عمران نيازي جي دعوي جا پول کولڻ لاءِ ڪافي آهي هن چيو ته عمران نيازي ڪنسٽريڪشن ۽ انڊسٽريز جي اربين ۽ ڪروڙ پتي کي اين آر او ڏئي کين کلي ڇوٽ ڏني ته اهو پنهنجو پئسو ڀلي ڪهڙِ به طريقي سانڪمايو هجي اهو لڳائي جڏهن ته هن ملڪ جو عامماڻهو پورهيت مزدور ۽ هارين لاءِ هڪ به اسڪيم نه ڏني هن چيو ته اسانجي ملڪ جي وڏي آبادي زراعت سان لاڳاپيل آهي جيڪا زراعت معيشت جو ٿنڀ آهي اڄ اسان جو هاري ڀاڻ نه ملڻ تي پريشان آهي هن چيو ته هارين جا فصل تباهه ٿي رهيا آهن ۽ ڊپ آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ ڀاڻ نه ملڻ سبب ملڪ ۾ ڪڻڪ جو بحران پيدا نه ٿئي سعيد غني چيو ته گذريل ڏينهن چوڌري پرويز جي انترويو کان پوءِ انهن ان ڳالهه کي مڃيو ته آصف علي زرداري وٽ 172 کان وڌيڪ قومي اسيمبيل ميمبر موجود آهن سعيد غني چيو ته اپوزيشن کان پوءِ هن وقت به 172 کان وڌيڪ نمبر آهن ۽ جيڪڏهن اتهادي پارٽيون نه به اچن ٿيونت ه هي بي اعتمنادي رٿ ڪامياب ٿيندي هن چيو ته هاڻي عمران جو وڃڻ يقيني ٿي ويو آهي هاڻي ان کي ڪوئي معجزو ئي بچائي سگهي ٿو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *