فضل الرحمان اڄڪلهه وحشي جٽ بڻيل آهي، اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيو آهي ته ڏنڊا کڻي اينداسين: شيخ رشيد

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد دعويٰ ڪئي آهي ته عمران خان عوام ۾ اڳ کان وڌيڪ مقبوليت ماڻي چڪو آهي وزيراعظم عمران خان جي خلاف اپوزيشن جي بي اعتمادي رٿ تي حڪومت کٽي يا هارائي ان سان فائدو عمران خان کي ئي ٿيندو مولانا فضل الرحمان جيڪا زبان استعمال ڪري رهيو آهي ان سان ملڪ ۾ گهرو ويڙهه ۽ ڏڦيڙ پيدا ٿيو ته قيمت اوهان کي ادا ڪرڻي پوندي جلسو ضرور ڪريو ڪنهن شخص کي قانون هٿ ۾ وٺڻ جي اجازت نه ڏني ويندي (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي نڪري ويندي مولانا اوهان سوگها ٿي ويندا صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته مان ٽن مهينن کان چئي رهيو آهي ته اپوزيشن 23 تي نه پر 25 مارچ تي اسلام آباد پهچندي اوهان اسان جي انتظاميه سان ڳالهايو اها اوهان کي محفوظ رستو ڏيندي مڪمل سيڪيورٽي ڏيندي گهرو وزير چيو ته مولانا فضل الرحمان پهريان به جلسو ڪيو هو جيڪڏهن اوهان به 27 مارچ تي جلسو ڪرڻ چاهيو ٿا ته ڪريو ڪوئي فرق نٿو پوي پر ڪنهن شخص کي قانون هٿ ۾ وٺڻ جي اجازت نه ڏني ويندي هن چيو ته ماڻهن جي حفاظت ڪرڻ گهرو وزارت جو ڪم آهي ۽ اسان هي ڪم ڪري ڏيکارينداسين. هن چيو ته مان اڳ به ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهيان ته پاڪستان کي گهرو ۽ ٻاهريان خطرا آهن ۽ سيڪيورٽي خدشن کي ڏسڻ صرف حڪومت جو نه پر اپوزيشن جو ڪم به آهي ڪٿي ايئن نه ٿئي جو عدم اعتماد ملڪ کي جمهوري عدم استحڪام ۽ عدم اطمينان طرف منتقل ڪري ڇڏي ڳالهائيندي هن چيو ته ايئن ٿيو ته ان جي سزا اوهان (اپوزيشن) کي ملندي اوهان 10 سالن تائين چونڪن تي اذان ڏيندا اوهان جي ڳالهه نه ٻڌي ويندي پاڪستان قيادت تائين قائم رهڻ لاءِ ٺهيو آهي پاڪستان جي پوليس ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا وڏي صلاحيت رکن ٿا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *