آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جون ٽيمون هلندڙ سال نومبر ۾ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هٿرادو روشينن ۾ ٽيسٽ ميچ کيڏنديون

سڊني (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جون ٽيمون هلندڙ سال نومبر ۾ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هٿرادو روشينن ۾ ٽيسٽ ميچ کيڏنديون. ٽِن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جو آخري ميچ 27 نومبر تي هٿرادو روشنين ۾ ايڊيليڊ جي ميدان تي کيڏي ويندي ۽ ان ٽيسٽ ميچ ۾ گلابي بال استعمال ڪيو ويندو، جڏهن ته رانديگر روايتي اڇي رنگ جون ڪِٽون ئي استعمال ڪندا. ڊي اينڊ نائيٽ ٽيسٽ ميچ دوران روايتي طور چانهن ۽ مانجھاندي بدران هاڻي رات جي مانيءَ جو وقفو ٿيندو. ڪرڪيٽ آسٽريليا جي چيف ايگزيڪيوٽو جيمز سوڌرلينڊ موجب کيس اميد آهي ته ڊي اينڊ نائيٽ ڪرڪيٽ جي ڪري ان راند ۾ وڌيڪ دلچسپي ورتي ويندي. جيمز سوڌرلينڊ موجب عالمي سطح تي ٽيسٽ ڪرڪيٽ سان اهو مسئلو آهي ته هو گھڻيون ميچون هفتي جي انهن ڏينهن ۾ کيڏيون وينديون آهن جڏهن ڏينهن جو ماڻهو ڪم ڪار ۾ مصروف هوندا آهن ۽ ٻار اسڪولن ۾ هوندا آهن، پر راند جي وقت ۾ بدلاءَ جي نتيجي ۾ شوقين آفيس وقت ۽ ٻار اسڪول جي موڪل کان پوءِ چند ڪلاڪ ميچ ڏسڻ جي لاءِ اسٽيڊيم ۾ اچي سگھندا. ان کان سواءِ ملڪ جي ٻين علائقن ۽ ٻين ملڪن ۾ ٽي ويءَ تي ميچ ڏسندڙن شوقينن جي انگ ۾ به واڌ ٿيندي. نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ پليئرز ايسوسئيشن موجب رانديگر ان تجربي جي ڪري پريشان آهن. ايسوسئيشن جي چيف ايگزيڪيوٽو هيٿ ملز ٽيسٽ ڪرڪيٽ هٿرادو روشنيءَ ۾ کيڏڻ ۽ گلابي بال جي استعمال جي ڪري پيش ايندڙ ڏکيائين تي کٽڪن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اعتراضن باوجود رانديگر ان راند ۾ هر سطح تي ايندڙ سٺين شين کي ڏسندا. ان کان اڳ نيوزيلينڊ پليئرز ايسوسيئيشن هٿرادو روشنين ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏڻ واري خيال تي اعتراض ڪندي چيو هو ته رانديگرن کي کٽڪا آهن، ان سان راند جي اهميت گھٽ ٿي ويندي. پر هاڻي نيوزيلينڊ پليئرز ايسوسئيشن مالي ڏکيائين کان نڪرڻ جي لاءِ  سال 2011ع کان پوءِ آسٽريليا سان پهرين ٽيسٽ سيريز مان هڪ ميچ هٿرادو روشنين ۾ کيڏڻ تي راضي ٿي ويو آهي ڇو ته کين ٽيسٽ ميچ کيڏڻ جو سٺو معاوضو ملندو. ڪرڪيٽ آسٽريليا نومبر ۾ ٿيندڙ نيوزيلينڊ خلاف سيريز ۾ پهرين ڊي اينڊ نائيٽ ٽيسٽ ميچ کي نظر ۾ رکندي آزمائشي طور شيفليڊ شيلڊ 15-2014ع سيزن ۾ هڪ فرسٽ ڪلاس ڊي اينڊ نائيٽ ٽيسٽ ميچ ڪرايو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *