ياسر شاهه بهترين بالنگ عيوض 54 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) ڪالهه ياسر شاهه جي زندگيءَ جو واقعي به وڏو اهم ڏينهن هو، جڏهن سريلنڪا خلاف هلندڙ ٽيشٽ سيريز ۾ هيل تائين ٻِن ٽيسٽ ميچن ۾ 15 وڪيٽون وٺڻ تي آءِ سي سيءَ رينڪنگ ۾ کيس ٽاپ ٽين بالرن ۾ شامل ڪيو ويو. 2014ع ۾ پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر جي شروعات ڪندڙ 29 سالا ياسر شاهه هيل تائين صرف 9 ٽيسٽ ميچون کيڏيون آهن جن ۾ هن بهترين بالنگ عيوض 54 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو آهي. ياسر شاهه سڀ کان گھٽ ٽيسٽ ميچن ۾ 50 وڪيٽون مڪمل ڪندڙ پاڪستاني بالر آهي. خيبرپختون خواهه صوبي سان تعلق رکندڙ ياسر شاهه هِن وقت آءِ سي سيءَ جي بهترين ٽيسٽ بالرن جي فهرست ۾ 750 پوائنٽن سان نائين نمبر تي آهي. اها ياسر جي ڪيريئر جي بهترين ريٽنگ آهي، ان فهرست ۾ نالو اچڻ واري ڪاميابي کيس گال ۾ سريلنڪا خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ شاندار ڪارڪردگيءَ کان پوءِ ملي، گال ٽيسٽ ۾ شاهه پنهنجي ڪيريئر جي بهترين بالنگ ڪندي 90 رنسن عيوض سَتن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو ۽ پاڪستان جي فتح ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيائين. ياسر شاهه ڪولمبو ۾ ٻين ٽيسٽ ۾ به 8 وڪيٽون ورتيون، پر ٽيم ڪامياب نه ٿي سگھي. ياسر شاهه پهرين ٽيسٽ ميچ آڪٽوبر 2014ع ۾ آسٽريليا  خلاف دبئيءَ ۾ کيڏي هئي. ان ٽيسٽ ميچ ۾ سندس بالنگ ڏسي مشهور آسٽريلوي ليگ اسپنر شين وارن پنهنجي ٽوئٽر پيغام ۾ سندس صلاحيتن جي تعريف ڪئي هئي. ياسر شروعاتي 10 ٽيسٽ بالرن ۾ شامل واحد پاڪستاني بالر آهي ۽ ياسر شاهه کان پوءِ ان فهرست ۾ پاڪستاني آف اسپنر شعيد اجمل جو نالو آهي، جيڪو هن وقت 12 هين نمبر تي آهي. ياد رهي ته سعيد اجمل شڪي بالنگ ايڪشن جي ڪري 6 مهينن کان وڌيڪ وقت تائين انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کان پري آهي ۽ ايڪشن جي بهتريءَ کان پوءِ هو پاڪستان جي لاءِ ڪا ٽيسٽ ميچ ناهي کيڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *