تيل اگهن ۾ واڌ جي سمري رد

 

وزيراعظم محمد نواز شريف جولاءِ جي مهيني جي لاءِ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي جي لاءِ پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري وزارت جي سمري کي رد ڪري ڇڏيو آهي. اڱاري ڏينهن هتي اسلام آباد ايڪسپريس وي جي توسيع واري منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي موقعي تي وزيراعظم پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جي فرق کي پورو ڪرڻ جي لاءِ اڍائي ارب رپين جي سبسڊي جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته رمضان المبارڪ جي دوران عوام جي مفاد جي لاءِ حڪومت پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو نه ڪندي. هن چيو ته اوگرا وزارت پاران پيٽرول جي قيمت ۾ 4.26 رپيا في ليٽر جي تجويز ڏني هئي جڏهن ته مون ذاتي طور تي ان کي رد ڪيو ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته رمضان المبارڪ دوران قيمتن ۾ اضافو نه ٿئي. سمري موجب گاسليٽ ۾ 0.67 رپيا في ليٽر، هائي اوڪٽيل (ايڇ او بي سي) جي قيمت ۾ 7.3 رپيا في ليٽر اضافو ٿيڻو هو جنهن کي منظور نه ڪيو ويو هوڏانهن  وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته  ووٽ وٺڻ لاءِ ڪڏهن به غلط ڳالهه ناهي ڪئي، ٿورو به مسئلو ٿئي ته عوام روڊن تي ڏنڊا کڻي اچي ٿو، بجلي جو سسٽم ٿورو هيٺ مٿي ٿئي ٿو ته عوام پريشان نه ٿئي، صبر ڪري،اليڪشن جي ڏينهن ۾ ئي چيو هو ته لوڊشيڊنگ جو مسئلو جلد ختم نٿا ڪري سگهون اسان جي دور ۾ بجلي 5 رپيا 25 پئسا في يونٽ  گهت ٿي اها ڪا معمولي ڳالهه ناهي، جڏهن ته لوڊشيڊنگ به گذريل سال جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي، هن چيو ته پاڪستان ترقي ۽ خوشحالي جي منزل طرف گامزن آهي، بنيادي ڍانچي جي ترقي، بجلي جي پيداوار، عالمي معيار جي رستن ۽ موٽرويز جي تعمير، عوامي ڀلائي سميت مختلف ترقياتي منصوبن تي ڪم جاري آهي، پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي سان خطي جي تقدير بدلجي ويندي، پنهنجي حڪومت جي دور ۾ بجلي جي مسئلي کي حل ۽ لوڊشيڊنگ جو خاتمو آڻيندي، وفاقي گادي واري شهر ۾ عالمي معيار جا رستا تعمير ڪيا ويندا، ايندڙ ٽن سالن ۾ اسلام آباد جي تصوير بدلائي ڇڏينداسين، زيرو پوائنٽ کان روات تائين ايڪسپريس وي جي واڌ سان شهرين جي اچ وڃ جي بهتر سهولت ملندي. اڱاري ڏينهن هتي اسلام آباد هاءِ وي سگنل فري منصوبي جي پهرين مرحلي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ايڪسپريس هاءِ وي جي توسيع وارو منصوبو تمام وڏو منصوبو آهي، پهريون مرحلو زيرو پوائنٽ کان فيض آباد تائين هوندو جنهن تي اڄ کان ڪم شروع ٿي ويو آهي. ٻيون مرحلو فيض آباد کان ڪورال تائين ايڪسپريس وي جي توسيع جو هوندو جنهن تي آگسٽ ۾ ڪم شروع ٿيندو ۽ ٽئين مرحلي ۾ ڪورال کان روات تائين رستي جي واڌ جي منصوبي تي ڪم شروع ٿيندو. منصوبي جو مجموعي مفاصلو 24 ڪلوميٽر آهي جيڪو معياري لحاظ کان موٽروي کان وڌيڪ بهتر هوندو ۽ ان ۾ موٽرويز کان وڌيڪ ڦاڪون شامل هونديون. هن چيو ته روات کي موٽروي سان ڳنڍيو ويندو. هن چيو ته اسان جي حڪومت اسلام آباد راولپنڊي جي شهرين جي لاءِ ميٽرو بس جو منصوبو ڏنو جيڪو مڪمل ٿي چڪو آهي، ان تي تنقيد ڪندڙ هاڻي ان جي حمايت ڪري رهيا آهن. شاهراهه ڪشمير منصوبي ۾ دير جو ذڪر ڪندي هن چيو ته مون عهدو سنڀالڻ کانپوءِ شاهراهه ڪشمير کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي. هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ڪشمير هاءِ وي منصوبي تي ٿيندڙ بيقاعدگين جي جاچ ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته هي منصوبو ڪيترن ئي سالن تائين دير جو شڪار رهيو، قومي ناڻي کي ڦريندڙن جو حساب ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته مري ايڪسپريس وي کي معياري بڻايو ويندو ۽ بهاره ڪهو ۾ هڪ اوورهيڊ برج ٺاهيوويندو ته جيئن مسافرن کي اچڻ ۾ سهولت ٿئي. هن چيو ته رستن جي تعمير سان گڏوگڏ بجلي جي منصوبن تي پڻ ڌيان ڏنو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته لاهور ايئرپورٽ کي اسان جي تجويز ڪيل منصوبي موجب نه بڻايو ويو، وڏن وڏن منصوبن کي ڪنجوسي سبب ننڍو ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪا بچت به نه ٿي ٿئي. هن چيو ته لاهور ايئرپورٽ جي اندرئين ۽ ٻاهرئين ملڪ ٽرمينل کي جدا ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته لاهور کان اسلام آباد موٽروي جي مدو 10 سال هو جيڪو پورو ٿي چڪو آهي، هاڻي ان جي نئين سر تعمير ۽ رنگ روغن جي ضرورت آهي جنهن تي ڪم جاري آهي. هن چيو ته رستن جا منصوبا بلوچستان، خيبرپختونخواهه، پنجاب، سنڌ، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير تائين تعمير ڪيا ويندا. انهن منصوبن سان گڏوگڏ بجلي جي منصوبن جي لاءِ پڻ فنڊ مهيا ڪيا پيا وڃن ته جيئن بجلي جي کوٽ ۽ لوڊشيڊنگ تي ضابطو آڻي سگهجي. وزيراعظم چيو ته جتي جتي وسيلا دستياب هوندا انهن منصوبن جي لاءِ خرچ ڪيو ويندو. هن چيو ته پاڪستان ٽيڪ آف جي پوزيشن ۾ اچي ويو آهي، پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۾ وڏا وڏا منصوبا شامل آهن جن تي 46 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *