آسٽريليا جي اليزي پيري سال جي بهترين وومين ڪرڪيٽر قرار

دبئي(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي پهريون ڀيرو عورتن کي به ايوارڊ سان نوازيندي آسٽريليا جي اليزي پيري کي سال جي بهترين ڪرڪيٽر قرار ڏئي ڇڏيو آهي.ڪينگرو آل رائونڊر ايوارڊ لاءِ سخت حريف ڪيوي رانديگرياڻي ايمي سيٽرٿ ويٽ ۽ ڀارت جي آل رائونڊر هرمن پريت ڪور کي مات ڏئي ڇڏي. آءِ سي سي جي اعلان موجب اليزي پيري کي سال جي بهترين وومين ڪرڪيٽر جي ايوارڊ سان نوازيو ويندو.جڏهن ته نيوزيلينڊ جي ايمي سيٽرٿ ويٽ ون ڊي پليئر آف دي ايئر، آسٽريليا جي بيٿ موني ٽي-20 پليئر آف دي ايئر سان گڏوگڏ سال جي سڀ کان بهترين ايمرجنگ پليئر جو ايوارڊ به پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *