سچن ٽنڊولڪر اپوزيشن جي نعريبازي سبب راجيا سڀا ۾ پنهنجي پهرين تقرير نه ڪري سگهيو

نئين دلي(اسپورٽس نيوز) اڳوڻو ڀارتي ڪرڪيٽر ۽ عظيم بيٽسمين سچن ٽنڊولڪر سان ڀارت ۾ اهڙو سلوڪ جو پورو ڀارت حيران ٿي ويو.سچن ٽنڊولڪر کي ڀارت ۾ ڪرڪيٽ جو ڀڳوان مڃيو ويندو آهي پر ڀارتي ڪرڪيٽ جو ڀڳوان جڏهن راجيه سڀا ۾ پنهنجي پهرين تقرير نه ڪري سگهيو.ڪيريئر دوران دنيا جي ناليوارن بالرن کي پنهنجي جاندار بيٽنگ سبب خاموش ڪري ڇڏيندڙ سچن ٽنڊولڪر کي راجيا سڀا ۾ پهريون ڀيرو تقرير ڪرڻ جو موقعو مليو پر ان وقت ڪانگريس طرفان سخت نعريبازي سبب بيوسي جي تصوير بڻيل رهيو.ٽنڊولڪر 10 منٽن تائين پنهنجي سيٽ تي خاموش بيٺو رهيو جڏهن ته اپوزيشن نعرا هڻدي رهي.اپوزيشن من موهن سنگهه تي پاڪستان سان لاڳاپن جي الزام تي وزيراعظم نريندر مودي کان معافي جو مطالبو ڪري ري هئي، تنگ ٿي مجبورن چيئرمين وينڪياهه نائيڊو کي اجلاس ئي هڪ ڏينهن لاءِ ملتوي ڪرڻو پئجي ويو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *