انوشڪا ۽ ڪوهلي پاران شادي جي خاص تقريب، مودي سميت اهم شخصيتن جي شرڪت

ممبئي(شوبز نيوز)ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ويرات ڪوهلي ۽ انوشڪا شرما جي اٽلي ۾ شادي کانپوءِ خاص تقريبن جو سلسلو ڀارت ۾ شروع ٿي ويو.نئين پرڻيل جوڙي دلي ۾ تقريب سجائي جنهن ۾ ٻنهي روايتي لباس پاتو، انوشڪا ڳاڙهي ۽ سونهري رنگ جي ساڙهي پائي گجرو لڳايو ته ان جو روپ سڀني کان ڏاڍو وڻيو  ويرات به ڪاري شيرواني ۽ اڇي پاجامي سان وڏي ڪڙهائي واري شال ڪلهي تي رکي انٽري ڏني. شادي جي تقريب ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي، ڪرڪيٽر گوتم گمڀير، سريش رائنا، ۽ شکر ڌون سميت ڪيترين ئي ناليوارين شخصيتن شرڪت ڪئي، تقريب ۾ ڪوهلي ۽ انوشڪا جي مائٽن جي وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ويرات ۽ انوشڪا جي شادي جي هڪ ٻي تقريب ممبئي ۾ 26 ڊسمبر تي منعقد ٿيندي جنهن ۾ شوبز ۽ راندين سان واڳيل شخصيتون شرڪت ڪنديون

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *