والاريل ڪشمير ۾ ظلم آخري پساهه کڻي رهيو آهي، خاص ٽربيونلز ميڊيا ورڪرن جي مسئلن ۽ تڪڙو انصاف ڏيڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندا: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزراعظم جي سڌسماءِ جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته خاص ٽربيونل ميڊيا ورڪرن ۽ مسئلن ۽ کين تڪڙو انصاف ڏيڻ ۾ به سنگ ميل ثابت ٿيندا اربع تي ٽيوٽر تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته وزيراعظم عمرن خان جي اڳاوڻي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت راءِ جي اظهار جي آزادي جي بنيادي آئيني ۽ جمهوري حق تي يقين رکي ٿي هن چيو ته ميڊيا رياست جو چوٿون ٿنڀ آهي ان جي آزدي ۽ آواز کي وڌيڪ طاقتور بنائڻ لاءِ پرعزم آهيون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پيمرا جي احتسابي عمل تي تنقيد ڪئي ويندي هئي ته ان کي حڪومت ڪنٽرول ڪري ٿي ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته خاص ميڊيا ٽربيونلز ٺاهي رهيا آهيون ته جيئن ڪيسن جو جلد فيصلو ٿي سگهي هن چيو ته اعليٰ عدليه جي هٿ هيٺ ڪم ڪندا هن چيو ته هي ميڊيا ٽربيونل نه صرف نئين ڪيسن تي فيصلو ڪندا پر پيمرا ۽ ٻين عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيس به انهن ئي ٽربيونلز کي منتقل ڪيا ويا ڊاڪتر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته هي ٽربيونلز نوان ۽ التوا هيٺ ڪيسن جو 90 ڏينهن ۾ فيصلو ڪندا هن چيو ته خاص ٽربيونلز ميڊيا ورڪرن جي مسئلن ۽ کين تڪڙو انصاف ڏيڻ ۾ به سنگ ميل ثابت ٿيندو ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ميڊيا جو ذميوارانو ڪردار ئي ان جي اصل طاقت آهي.

وزيراعظم جي سڌسماءِ واري خاص مددگار ڊاڪتر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ظلم آخري پساهن ۾ آهي والاريل وادي ۾ آزادي جو سج جلد اڀرندو ڪشمير مسئلي تي سياسي مفادن کان مٿانهون ٿي اسان سڀ گڏ آهيون پاڪستان خطي جي طاقت جو محور ۽ مرڪز آهي وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن ۾ تقرير ۾ ڪشميرين جي ترجماني ڪندو ڪشمير بابت قومي پارليمينٽرينز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۾ اقليتن جو هر قسم جو تحفظ ڪيو وڃي ٿو هن چيو ته مظلوم ڪشميرين جي آواز کي پاڪستاني ميڊيا بهتر نموني سان اٿاري رهيو آهي هن چيو ته ميڊيا جي ڪري يورپين پارليمينٽ ۾ ڪشمير جو مسئلو بحث هيٺآيو هن چيو ته ڪشمير جو مسئلو اسان جي لاءِ هڪ گڏيل ڪاز آهي هن چيو ته وزيراعطم عمرانخ ان گڏيل قومن ۾ تقرير ۾ ڪشميرين جي ترجماني ڪندو وزيراعظم مظفرآباد ۾ به مودي کي چتاءُ ڏنو ته ان جو او آءِ سي تي به اثر ٿيو دنيا ڀارتي موقف کي رد ڪري اڄ اسان سان گڏ بيٺي آهي هن چيو ته وزيراعطم ڪشمير ڪاز لاءِ 18 ڪلاڪ ڏيئي رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *