پنهنجا کيسا ڀرڻ لاءِ اسٽيل ملز کي تباهه ڪيو ويو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سُپريم ڪورٽ حڪومت کي اسٽيل ملز جي زمين وڪرو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. جسٽس گلزار احمد جي سربراهيءَ ۾ جُڙيل 2 رُڪني بئنچ اسٽيل ملز جي ملازمن کي پرويڊنٽ فنڊز ادا ڪرڻ جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. سُپريم ڪورٽ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جا اڪائونٽس منجمد ڪرڻ واري حڪم خلاف حڪومتي درخواست رد ڪري ڇڏي. ٻڌڻيءَ دوران ريمارڪس ڏيندي جسٽس گلزار احمد چيو ته پاڪستان اسٽيل ملز جي پيداوار ٻُڙي آهي، پنهنجا کيسا ڀرڻ لاءِ ملز کي تباهه ڪيو ويو، ڇو نه مل جي مامري جو نوٽيس ورتو وڃي. ٻڌڻيءَ دوران سرڪاري وڪيل دليل ڏيندي موقف رکيو ته ملازمن کي پرويڊنٽ فنڊز ادا ڪرڻ لاءِ فنڊز موجود نه آهن، ملازمن کي پگهارون ڏيڻ لاءِ ملز جي زمين وڪرو ڪري رهيا آهيون. عدالت حڪومتي موقف رد ڪندي وفاقي سرڪار کي اسٽيل ملز جي زمين وڪرو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته پاڪستان اسٽيل ملز جي زمين عوامي ملڪيت آهي، تنهن ڪري وڪرو نٿي ٿي سگهي. جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته پاڪستان اسٽيل ملز تمام وڏو ادارو هو، سوين اسٽيلز ملز هن اسٽيل ملز جي ذريعي هلنديون هيون، مل ۾ گاڏيون، ٽرڪ ۽ راڪيٽ به ٺهندا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *