آرٽيڪل 147 تحت رينجرز وٽ هاڻي به اختيار آهن: مراد علي شاهه

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته رينجرز جي اختيارن جو ڪوبه مسئلو ناهي، رينجرز جي معاملن ۾ هڪ ٻه ٽن جي دير ٿي آهي، هن چيو ته آرٽيڪل 147 تحت رينجرز وٽ هاڻي به اختيار آهن. ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ ضياءُ الدين يونيورسٽي جي سالاني جلسي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته جيڪو اسان جو آئيني حق آهي گيس جي سلسلي ۾ اهو سنڌ جي ماڻهن کي ملڻ گهرجي سنڌ 70 سيڪڙو گيس فراهم ڪندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *