اخلاقي طور فيصلو وزيراعظم خلاف ئي آيو آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته اخلاقي طور فيصلو وزيراعظم جي خلاف ئي آيو آهي. هن چيو ته منهنجي نظر ۾ فيصلو تمام واضح آهي، سندس چوڻ هو ته ٽي جج پنهنجي ٻن سينيئر ساٿين کان انڪاري ناهن ٿيا بس جي آءِ ٽي جو چيو آهي، مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته ٻن ججن واضح چيو ته نواز شريف کي نااهل قرار ڏنو وڃي.خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته عوام جون پارليامينٽ مان اميدون آهن، خميس ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي هن چيو ته پارليامينٽ عوام جي اميدن، امنگن ۽ ان جي سوچ جي عڪاسي ڪندي آهي، هن چيو ته اسان کي ايوان جي اندر اها ڳالهه چوندي مسلسل ۱۰ هون ڏينهن آهي ته هن ايوان ۲۳ هين آئيني ترميم منظور ڪئي، اسان جو اهو خيال هو ته ان جو استعمال سياسي ڪارڪنن تي ٿيندو، پر اعليٰ ترين سطح تي اسان کي يقين ڏياريو ويو ته ائين نه ٿيندو، ان حوالي سان آئين ۾ تحفظ ڏنو ويو ته جنهن کي به کنيو ويندو ان کي ۲۴ ڪلاڪن اندر عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو پر اڃا تائين حڪومت پاران کان اسان کي جواب ناهي ڏنو ويو. اسان جي کنيل ٽن ماڻهن جي حوالي سان حڪومت پاران اڃا تائين ڪو به جواب ناهي آيو، هن چيو ته فيصلا پارليامينٽ جي اندر ٿيڻ گهرجن، جيڪڏهن پارليامينٽ مستحڪم هوندي ته عوام کي عدالتن جي فيصلي جو انتظار نه ٿيندو، هن چيو ته اسان ايوان مان اڄ به سڄي ڏينهن جو بائيڪاٽ ڪريون ٿا ان سان گڏ ئي پيپلزپارٽي جا ميمبر ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا. ان موقعي تي تحريڪ انصاف جي ميمبرن انهن جو ساٿ ڏنو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *