جي آءِ ٽي دهشتگردن کان تحقيق لاءِ بڻائي ويندي آهي: سراج الحق

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته جي آءِ ٽي دهشتگردن کان تهقيق لاءِ جوڙي ويندي آهي، سپرمي ڪورٽ وزيراعظم کي ڪلين چٽ نه ڏني ان لاءِ وزيراعظم استعيفيٰ ڏي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جماعت اسلامي جي امير چيو ته عدالتي فيصلي سان ثابت ٿيو ته ملڪ ۾ ڪرپشن ٿي رهي آهي، نواز شريف جو وڪيل عدالت کي مطمئن نه ڪري سگهيو. هن چيو ته اڪثر ڪري جي آءِ ٽي دهشتگردن کان تحقيق لاءِ بڻائي ويندي آهي، عدالت تسليم ڪيو ته ڪرپشڻ ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي ان لاءِ پاناما ڪيس تي به جي آءِ ٽي بڻائڻ جو حڪم جاري ٿيا. سراج الحق چيو سپريم ڪورٽ جو فيصلو ڪرپشن جي موجودگي ظاهر ڪري ٿو، ان فيصلي سان عدالت اسان جي تحريڪ تي تصديق جو ٺپو لڳائي ڇڏيو. هن چيو ته عوام کي وڏي جدوجهد لاءِ تيار رهڻ جي ضرورت آهي عوامي آپريشن کانپوءِ ئي ڪرپشن کان جند آجي ڪرائي سگهجي ٿي. جماعت اسلامي جي امير وڌيڪ چيو ته 2 ججز نواز شريف کي نااهل قرار ڏنو، هن چيو ته بهتر ٿئي ها پنج ئي جج وزيراعظم کي نااهل قرار ڏين ها، سندس چوڻ هو ته عدالتي فيصلي کانپوءِ نواز شريف کي وزيراعظم جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *