آمريڪي عدالت جو فيصلو ۽ عمران خان جي دعا

آمريڪي عدالت پرڏيهين جي بي دخليءَ جو عمل روڪي ڇڏيو آهي، عدالت گرفتار پرڏيهين جا تفصيل گھري ورتا، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي 7 مسلمان ملڪن جي شهرين جي آمريڪا ۾ داخلا تي پابنديءَ کان پوءِ آمريڪي ايئرپورٽن تي درجنين مسافر ڦاسي پيا آهن، 100 کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪريڪ ڊائون دوران گرفتار ڪيو ويو، پابنديءَ جي ڪري ساڍا 13 ڪروڙ ماڻهن تي آمريڪا جا دروازا بند ٿي ويا آهن، ٽرمپ انتظاميا مطابق گرين ڪارڊ رکندڙن کي پهريان آمريڪي سفارتخانن يا قونصل خانن سان رابطو ڪرڻو پوندو، ٽرمپ جي ايگزيڪيوٽو آرڊر جو مطلب اهو نه آهي ته مسلمانن تي پابندي آهي، پابنديءَ جو شڪار ملڪن ۾ پاڪستان، افغانستان، تيونس، اومان، ترڪي شامل نه آهن. آمريڪي هوم لينڊ سڪيورٽي جي ترجمان موجب ته آمريڪا مان مسلمان ملڪن جي رهاڪن کي ڪڍڻ واري عمل کي روڪڻ جي لاءِ عدالتي حڪمن تي عمل ڪيو پيو وڃي، پرڏيهين کي آمريڪي اميگريشن قانونن، عدالتي حڪمن وسيلي واپس پنهنجي وطن موڪليو ويندو، آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي ستن مسلمان ملڪن جي رهاڪن تي آمريڪا ۾ پابنديءَ کان پوءِ هزارين مسافر مختلف ايئرپورٽ تي ڦاٿل آهن، جڏهن ته آمريڪا انتظاميا پاران ڪيترن ئي مسافرن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو آهي، جنهن کان پوءِ آمريڪي عدالت صدارتي قدمن کي رد ڪري ڇڏيو هو. ان کانپوءِ آمريڪي هوم لينڊ پاران مسلمان شهرين تي لاڳو پابنديءَ بابت عدالتي حڪمن تي عمل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان پاڪستانين جي لاءِ آمريڪي ويزائن تي پابنديءَ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستانين جي لاءِ آمريڪي ويزا بند ڪري ڇڏيا ته اسان پاڪستان کي ٺيڪ ڪري وٺنداسين، ڊونلڊ ٽرمپ ستن اسلامي ملڪن جي شهرين کي آمريڪي ويزا ڏيڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي جنهن ۾ ايران به شامل آهي جنهن جي بدلي ۾ آمريڪي شهرين تي پابندي لڳائڻ جي ڳالهه آهي ڇو ته هو هڪ خوددار ملڪ آهي، ٿي سگھي ٿو ته ايندڙ مرحلي ۾ آمريڪي صدر پاڪستانين جي ويزا تي پابندي لاڳو ڪري ۽ منهنجي دعا آهي ته آمريڪي صدر حقيقي معنيٰ ۾ اسان جا ويزا روڪي ڇو ته جيڪڏهن ائين ٿيو ته اسان ملڪ کي ٺاهي وٺنداسين،  هڪ ملڪ جو وزيراعظم هتان پيسا کڻي وڃي اربين رپين جي ملڪيت خريد ٿو ڪري، وزيراعظم پاڪستان جو آهي پر چيڪ اپ جي لاءِ پرڏيهه ويندو آهي، اسان کي سسٽم کي ٺيڪ ڪرڻو پوندو، هارين جي اهڙي مدد ڪيون جيئن ڀارت جي حڪومت ڪندي آهي، هن ملڪ جو مسئلو حڪمرانن جي ڪرپشن آهي، جن جي ڪري اسان جي بيعزتي ٿي رهي آهي، ڇا ماڻهو خيرات پنندڙن جي عزت ڪندا آهن. حڪمرانن جي ڪرپشن ملڪ کي تباهه ڪري رهي آهي، سپريم ڪورٽ ۾ خط پيش ڪندڙ قطري شهزادو نواز شريف جو بزنس پارٽنر آهي، جيڪي قومون ٻين آڏو هٿ ٽنگينديون آهن انهن کي ڪڏهن به عزت ناهي ملندي، پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو حڪمرانن جي ڪرپشن آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *