آرمي چيف سان چيني سفير جي ملاقات، گڏيل دلچسپي، افغانستان جي صورتحال، علائقائي سيڪيورٽي معاملن تي ڳالهيون

راولپنڊي (اين اين آءِ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا سان چيني سفير نورنگ رونگ ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي افغانستان جي صورتحال علائقائي سيڪيورٽي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. آرمي چيف سي پيڪ جي خلاف سمورين سازشن کي ناڪام بنائڻ جو عزم ورجايو ان موقعي تي چيني سفير خطي ۾ امن لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو چيني سفير افغانستان بابت اڳڀرائي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. افغانستان جي حوالي سان چيني سفير پاڪستان سان تعاون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *