پي ٽي آئي دور، سرڪاري قرضن ۾ 149 کرب رپين جي واڌ، حجم 399 کرب رپيا ٿي ويو: اسٽيٽ بينڪ

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان جي واجب ادا سرڪاري قرضن جو حجم 399 کرب رپيا ٿي ويو. وزيراعظم عمران خان جي ٽن سالن جي حڪومتي دور ۾ سرڪاري قرضن ۾ 149 کرب رپين جو اضافو ٿيو گذريل اسٽيٽ بئنڪ پاران جاري ڪيل سالياني بليٽن مطابق هلندڙ سال جون جي پڄاڻي تي سرڪاري قرض 399 کرب رپيا ٿي ويو گذريل ٽن سالن ۾ سرڪاري قرضن ۾ 149 کرب رپين جي واڌ ٿي 2018 کان 2021 تائين سرڪاري قرضن ۾ هر سال 20 سيڪڙو جي شرح کان 60 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو پي ٽي آئي حڪومت جو ٽن سالن ۾ ورتل قرض مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جي 10 سالن جي دور ۾ ورتل قرضن جي 82 سيڪڙو برابر آهي اسٽيٽ بئنڪ مطابق مالي سال 2018-19 کان وٺي 2020-21 جي پڄاڻي تي سرڪاري قرض جي ڊي پي جو 83.5 سيڪڙو 399 کرب رپين تائين ٿي ويو جڏهن ته معيشت جو حجم جي ڊي پي جي 11 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي، قرض ۾ واڌ کي جيڪڏهن روزاني بنيادن تي ڏٺو وڃي ته پي ٽي آئي جي حڪومت روزانو 13.6 ارب رپين جو سرڪاري قرض ورتو هي سراسري مسلم ليگ (ن) جي دور جي سراسري 5.8 ارب رپين کان ٻيڻي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *