نوجوانن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ جديد علم ۾ اعليٰ تعليم خاص حيثيت رکي ٿي: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ جديد علم ۾ اعليٰ تعليم خاص حيثيت رکي ٿي وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ اعليٰ تعليم کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان جائزي وارو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزير اسد عمر، فواد حسين ۽ شفقت محمود، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، ڊاڪٽر عطاءالرحمان، ڊپٽي چيئرمين رٿابندي ڪميشن ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي اجلاس کي سيالڪوٽ انجنيئرنگ يونيورسٽي جي قيام تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هن 16.69 ارب رپيا ماليت جي منصوبي لاءِ ايڪنيڪ منظوري ڏئي چڪو آهي، سيالڪوٽ انجنيئرنگ يونيورسٽي  وفاق ۽ پنجاب حڪومت گڏيل طور تي قائم ڪندي جنهن لاءِ اڌ رقم ۽ زمين پنجاب حڪومت مهيا ڪندي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته اٺين نائين ۽ ڏهين درجن جي نصاب ۾ سيرت نبي صلعم جي تعليم شامل ڪئي وڃي ۽ انهن درجن لاءِ نئون نصاب جلد جاري ڪيو ويندو، وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت اعليٰ تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ هر ممڪن مدد ڪندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *