آخري دم تائين وڙهنداسين، مودي ياد رک سر جو جواب پٿر سان ڏينداسين: عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته توهان کي ٻڌائيندس ته لائن آف ڪنٽرول ڪڏهن وڃڻو آهي پهرين مون کي گڏيل قومن ۾ وڃڻ ڏيو ۽ ڪشمير جو ڪيس وڙهڻ ڏيو. آزاد ڪشمير جي راڄڌاني مظفر آباد ۾ ڪشميرين سان ٻڌي جي اظهار لاءِ رٿيل جلسي سان خطاب ڪندي وزير اعظم عمران خان چيو ته مون کي خبر اهي ته توهان لائن آف ڪنٽرول ڏانهن وڃڻ چاهيون ٿا پر هن وقت لائن آف ڪنٽرول ڏانهن نه وڃڻو جيستائين آئون توهان کي نه ٻڌايان آئون توهان کي ٻڌائيندس. عمران خان چيو ته پهرين مون کي گڏيل قومن ۾ وڃڻ ڏيو، دنيا جي اڳواڻن کي ٻڌائڻ ڏيو ۽ ڪشمير جو ڪيس وڙهڻ ڏيو ۽ هنن کي ٻڌائڻ ڏيو ته جيڪڏهن ڪشمير جو مسئلو حل ناهي ڪيو ويو ته ان جو اثر سڄي دنيا تي پوندو. وزير اعظم عمران خان چيو ته مون دنيا ۾ ڪشمير جو سفير بڻجڻ جو فيصلو ان ڪري ڪيو جو آئون پاڪستاني آهيان، مسلمان آهيان ۽ هڪ انسان آهيان. هن چيو ته ڪشمير جو مسئلو انسانيت جو مسئلو آهي، 40 ڏينهن کان اسان جا ڪشميري ڀائر، ڀيڻون، بزرگ ۽ ٻار ڪرفيو جي ور چڙهيل آهن. عمران خان چيو ته نريندر مودي هڪ بزدل انسان آهي، بزدل انسان اهڙو ظلم ڪندو جيڪو ڀارت جي 9 لک  فوج اڄ ڪشميرين تي ڪري رهي آهي، جنهن ۾ به انسانيت هوندي آهي ته اُهو ڪڏهن به اِهو نٿو ڪري سگهي. وزير اعظم عمران خان چيو ته هڪ دلير انسان ڪڏهن به عورتن ۽ ٻارن تي اِهو ظلم نٿو ڪري سگهي، جيڪو نريندر مودي ۽ ان جي پارٽي آر ايس ايس والاريل وادي ۾ ڪري رهي آهي. عمران خان چيو ته نريندر مودي توهان ڪشميرين تي جيترو به ظلم ڪيو ڪامياب نه ٿيندا ڇو ته ڪشمير جي عوام ۾ موت جو خوف ختم ٿي چڪو آهي، انهن جو ڊپ هليو ويو آهي، توهان جي مرضي جيڪو  ڪيو هنن کي شڪست نٿا ڏئي سگهو. هن چيو ته نريندر مودي ننڍپڻ کان آر ايس ايس جو ميمبر آهي، ان پارٽي جي اندر مسلمانن جي نفرت ڀريل آهي. پنهنجي ڳالهه ٻولهه کي جاري رکندي هن چيو ته 100 سال پهرين بڻيل پارٽي جا 2 مقصد هئا ته ڀارت رڳو هندن جي لاءِ آهي، مسلمانن، عيسائين ۽ ٻين اقليتن کي برابر شهري ناهن سمجهندا. عمران خان چيو ته آر ايس ايس جي دلين ۾ مسلمانن جي لاءِ نفرت ڀريل آهي جيڪڏهن مسلمانن هتي حڪومت نه ڪئي هجي ها ته هندو قوم خبر ناهي ڪيتري وڏي پاور هجن ها، اهڙن خيالن جي ڪري آر ايس ايس هميشه کان مسلمانن جي خلاف هئي. وزير اعظم عمران خان چيو ته آئون سڄي دنيا ۾ ڪشمير جو سفير بڻجي ويندس ۽ دنيا کي ٻڌائيندس ته آر ايس ايس جي اصليت ڇا آهي، جهڙي ريت هٽلر ۽ نازي پارٽي جرمني ۾ اقليتن تي ظلم ڪيو ۽ انسانن جو قتل عام ڪيو هي به انهيءَ رستي تي هلي رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *