“آرٽيڪل 149” جو پڙاڏو: پ پ جو وفاقي سرڪار کان استعيفيٰ ۽ نئين سر چونڊن جو مطالبو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)  سينيٽر رضا رباني سنڌ اسيمبلي بلڊنگ ۾ هڪ وڏي هجوم سان خطاب ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت آرٽيڪل 161 جي تحت اين ايف سي ايوارڊ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي سنڌ کي گيس جا پئسا به فراهم ناهن ڪيا ويا  جنهن سان سنڌ حڪومت مالي طور مشڪلن جو شڪار رهي آهي اگر 18 ترميم کي رول بيڪ ڪيو ويو ته خاص طور ننڍن صوبن جي ڳالهه نه مڃي وئي ته ننڍا صوبا وسيع اتحاد جيڪو حڪومت لاءِ تعزيانو ثابت ٿيندو سنڌ جي عوام کي ڪراچي جي تقسيم جنهن طور قبول ناهي ڪراچي کي الگ ڪرڻ واري سوچ  رکندڙ سياسي اڳواڻ سنڌ جي حالتن کي نظر ۾ رکي وفاقي حڪومت آئين جي پاسداري ڪري 18 هين ترميم هجي يا قاضي عيسي فائز هجي جڏهن به ڪو حق جي خلاف ڳالهائيندو آهي ته ان جي اواز دٻائي ويندي آهي ۽ ان خلاف ريفرنس تيار ڪيو ويندو آهي . سنڌ جي اطلاعات ۽ پورهئي واري کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني  ۽ سينيٽر رضا رباني چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي خلاف سازشن جي نئين دور جي سخت مذمت ڪئي آهي اها ڳالهه هن اڄ سنڌ اسيمبلي ۾ پريس ڪانفرنس سان خطاب ڪندي ڪئي سعيد غني ان موقعي تي چيو ته اسان ڪراچي جي خلاف وفاقي حڪومت کي خبردار ڪيو آهي ته سنڌ حڪومت، عوام ۽ انهن جي قيادت سنڌ جي دارالحڪومت خلاف ڪنهن به سازش کي برداشت نه ڪندي سينيٽر رضا رباني چيو ته هڪ وفاقي وزير پنهنجي بيان ۾ چيو ته وفاق آرٽيڪل 149 جي ذريعي ميگا……. ڪراچي جا انتظامي معاملا سنڀالڻ تي غور ڪري رهيو آهي ۽ نيازي ڪراچي کي اسلام آباد مان هلائڻ چاهي ٿو ڪجهه ڏينهن پهريون وفاقي وزير فروغ نسيم بيان ڏنو هو ته مرڪز، ڪراچي جي معاملي تي اسٽريجٽڪ ڪنٽرول تي غور ڪري رهيو آهي ۽ وفاقي وزير وزيراعظم کي سفارش ڪرڻ وڃي رهيو آهي ته هو ڪراچي جي لاءِ آرٽيڪل 149 تي عمل ڪري سينيٽر رضا رباني پريس ڪانفرنس سان خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ حڪمران جماعت صوبي سنڌ سان ڪنهن به امتيازي سلوڪ جي سازش کي قبول نه ڪندا هن وفاقي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته وفاقي حڪومت عوام جو جيئن ازاب ڪري ڇڏيو آهي ۽ روزمره جي ضرورتن جي شين تي هوش اڌائيندڙ واڌ ڪري رهي آهي جنهن سان عوام جا مسئلا انتها جي حد تائين پهچي ويا آهن سعيد غني پريس ڪانفرنس سان خطاب ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت عوام کي مهانگائي ۽ بيرزگاري کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏنو جنهن ڪارڻ عوام جي معياري زندگي بدترين سطح تائين پهچي وئي آهي. سنڌ جي اطلاعات ۽ پورهئي واري کاتي جي صوبائي وزير ۽ سينيٽر رضا رباني چيو ته اسان اهڙي ڪنهن به تجويز کي واضح طور رد ڪندي ان جي سخت مزمت ڪندا آهيون اهڙي ڪنهن به تجويز سان شهري ۽ ٻهراڙي بنيادن تي تقسيم ۽ تفريق کان علاوه ڪجهه حاصل نه ٿيندو صوبائي وزير سعيد غني چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت مالي معاشي بحران کانپوءِ آئيني بحران پيدا ڪرڻ جي ڪريل سازش ڪري رهي آهي هن چيو ته فيڊريشن ڪراچي تي ڪنٽرول سنڀالن ۽ وفاقي حڪومت  ۽ ان جي ڪابينا آرٽيڪل 149 جي تحت ملڪ کي خوف ۽ حراس جي ماحول ۾ هلائڻ جي خواهشمند آهي فيدريشن امن امان جي صورتحال ۽ مالياتي معاملا بابت ڪنهن به صوبي کي مشورو ڏئي سگهي ٿي جڏهن ته پي ٽي آئي جي قيادت حڪومت آئيني شق جي تحت سنڌ ۾ ايگزيڪٽو اٿارٽي جو استعمال ڪرڻ چاهي ٿي اطلاعات ۽ پورهئي کاتي جي وزير سعيد غني وڌيڪ چيو ته آرٽيڪل 149 ڪراچي جي مسئلن جو حل ناهي ان عمل کي براه راست غير آئيني مداخلت ۽ صوبائي خود مختياري تي حملو سمجهيو ويندو صوبائي وزير سعيد غني چيو ته آرٽيڪل 149 منتخب سنڌ حڪومت جي خلاف سازش آهي پر اسان کي اميد آهي ته اهڙي ڪابه سازش جلد ختم ٿي دم ٽوڙي ويندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *