عمران خان هن ئي مهيني ۾ اڳوڻو وزيراعظم بڻجي ويندو: سعيد غني جي دعويٰ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر اسپيڪر بڻجڻ وقت عمران نيازي جو نه پر آئين جي پاسداري جوقسم کنيون آهي پر هن وقت هو آئين جي خلاف ڪم ڪري رهيو آهي. ان ڪري آئين جي آرٽيڪل 6 جي تحت ان جي خلاف ڪارروائي بڻجي ٿي. حڪومت او آئي سي کي بنياد بڻائي عمل ۾ دير ڪري رهي آهي. وزير اعظم جيڪڏهن قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي ائين چوي ته توهان شادين ۾ نه وڃي سگهندا اوهان جا ٻار اسڪول نه وڃي سگھندا ۽ اوهان جي ٻارن جو شاديون نه ٿينديون ته اهڙي وزير اعظم کي پاڳل ۽ جنوني نه چئون ته ٻيو ڇا چئون. عمران نيازي ۽ ان جي گٽر ۽ بيوقوف وزيرن پاران جن جن قومي اسيمبلي جي ميمبرن تي پئسا وٺڻ جا الزام لڳايا ويا آهن انهن کي مشورو ڏيندس ته ان تي ڪيس ڪن. وزير اعظم 10 لک جو مجمعو آڻڻ بجائي 172 ميمبرن کي اسيمبلي ۾ وٺي اچي. ته هو بچي ويندو نه ته هو ڪجھ به ڪري اڳوڻي وزير اعظم ٿيڻ کان کيس ڪو به نه بچائي سگھندو. عمران نيازي مودي جي تعريف ڪري ثابت ڪيو آشهي ته هو سڀ کان وڏو مودي جو يار آهي عمران نيازي ۽ ان جي جماعت هن ملڪ جي سياست ۾ گند ۽ غلاظت ڀري ڇڏي آهي جيڪا واپس اچي انهن جي ڳچي ۾ پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. سعيد غني چيو ته وزير اعظم جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ پيش ٿي چڪي آهي. ۽ اسيپڪر 14 ڏينهن ۾ اجلاس گھرائڻ جو پابند آهي ۽ اهو آئين ۾ لکيل آهي هن چيو ته ڪردار پيش ٿيڻ جي ٽن يا چئن ۾ ووٽن ٿيڻي آهي. سعيد غني چيو ته 21 مارچ تي 14 ڏينهن مڪمل ٿيڻا آهن پر اجلاس 25 مارچ تي گھرايو ويو آهي. سعيد غني چيو ته اسپيڪر آئين تي عمل ڪرڻ جو قسم کنيون آهي پر هاڻ جو به شق ناهي ته اسپيڪر عمران خان سان وفاداري نڀائي رهيو آهي. هن چيو ته اسپيڪر عمران خان سان نه پر آئين جي پاسدري جو قسم کنيون هو ۽ هاڻ ان تي آرٽيڪل 6 جو ڪيس بڻجي ٿو. سعيد غني چيو ته عمران خان وٽ قومي اسيمبلي ۾ اڪثريت ناهي ۽ بيوقوفن جي ٽولي دير جو بهانو استعمال ڪرڻ جي لاءِ او آئي سي جو بهانو بڻائي اجلاس نه گھرايو. هن چيو ته پي ٽي آئي وٽ پنهنجا 154 ميمبر آهن باقي اتحادي آهن. پر هاڻ انهن جا ميمبر انهن سان ناهين ان ڪري جيڪڏ0هن اتحادين جو انگ ملايو وڃي ته ان جا ميمبر 172 نٿا ٿين. هن چيو ته عمران نيازي ايف آئي آئي ، اينٽي ڪرپشن ۽ انٽيلينجسن ادارن جي مدد سان اپوزيشن جماعتن جي ميمبرن ۽ پنهنجي جماعت جي ناراض ميمبرن جي خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آهن پهريون واقعو پارليامنٽ لاجز تي پوليس جو حملو هو، جنهن ۾ ٻه ايم اين ايز کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته نه ئي انهن وٽ ڪو اسلحو مليو نه ئي انهن ڪو غير قانوني ڪم ڪيو هو پر ان جي باوجود گٽر وزير جيڪو بدقسمتي سان گھرو وزير بڻيل آهي هن چيو ته انهن جي خلاف دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏينديو رهيو. سعيد غني چيو ته انهن خدشن کي نظر ۾ رکندي قومي اسيمبلي جا ميمبر جيڪي سمورا پنهنجي فيمليز سان هئا انهن سنڌ هائوس ۾ پناھ وٺڻ جي گذارش ڪئي ۽ دنيا ڏٺو ته انهن پارليامنٽريئنز جا خدشا صحيح ثابت ٿيا. ته پهرين انهن تي پئسا وٺڻ جا الزام لڳايا ويا ۽ بعد ۾ پي ٽي آئي ٻن ميمبرن جي قيادت ۾ انهن تي پي ٽي آئي جي غنڊن سنڌ هائوس تي حملو ڪيو ۽ انهن جي خدشن کي سچ ثابت ڪيو هن چيو ته هاڻ وزير اعظم انهن ميمبرن کي ڌڪيون ڏئي رهيو آهي هن گذريل ڏينهن خطاب ۾ چيو ته مان انهن ميمبرن ئي چوان ٿو ته واپس اچن ٻئي صورت ۾ هو ڪنهن به سادي نه وڃي سگھندا انهن جا ٻار اسڪول نه وڃي سگھندا ۽ انهن جي ٻارن جون شاديون نه ٿينديون. هن چيو ته وزير اعظم ۽ گھرو وزير جي چوڻ تي پهرين سنڌ ۽ بعد ۾ گذريل ڏينهن ٻن امي پي ايز جي قيادت ۾ ڪراچي ۾ به هڪ ايم اين جي گھر تي حملو ڪيو ويو. هن چيو ته عمران نيازي جي ان گھٻراهٽ ۽ بوکلاهٽ کي جنونيت نه چيو وڄي ته ٻيو ڇا چيو وڃي . هن چيو ته هي ڪهڙِو داداگير آهي چوندو آهي ته مون کي هٽايو وي ته مان گند ڪندس. مان هن کي چوان ٿو ته انشاءَ الله تعاليٰ هن ئي مهيني هي اڳوڻي وزير اعظم ٿي ويندو هن ڪرپش ۽ ۽ ان جي وزيرن ڦر لٽ جو اسان حاسب وٺنداسين. هن چيو ته سنڌ هائسو ڀارت ۾ ناهي سنڌ هائوس ۾ اسان سڀ ويندا آهيون ان جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي هن چيو ته گذريل رات هڪ عورت چئي رهي آهي ته مون کي پيپلز پارٽي پارا 16 ڪروڙ جي آفر ڏئي رهيا آهن مان ان عورت کي چوان ٿو ته هوءَ ان جو نالو ٻڌائي. هن چيو ته قومي اسيمبلي جو ميمبر قرآن تي هٿ رکي چئي رهيو آهي ته هن ڪو به پئسو ناهي ورتو ته مان ان تي ڀروسو ڪندس. هن چيو ته ماضي ۾ ان ئي گند واري وزير اعظم ڪي پي ڪي ميمبرن تي الزام لڳايا هئا. هو عدالت ويا هئا ته انهن منتون ڪري ڪيس واپس ڪرايا هئا. سعيد غني چيو ته مان جنهن ايم اين ايز تي الزام لڳايا وياآهن انهن کي مشورو ڏيندس ته اهي به ڪيس ڪن. هڪ سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته او آئي سي ڪانفرنس پاڪستان ۾ هجي ۽ ڪشميرين تي ظلمن جو ذڪر به نه ٿئي قراراداد ۾ ڪشمير جو ذڪر به نه هجي ته اها ڳڻتي جوڳي ڳالھ آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته چين، ايران ۽ ترڪي سميت پوري دنيا اسان سان ناراض آهي سڀ انهن جي پالسين کان تنگ آهن هي هڪ نمبر جو نالائق آهي. هن چيو ته مان چوان ٿو ته هن کي ڪجھ به نه ڪيو فقط هن جي دوا بند ڪئي وڃي هو پائوڊر استعمال ڪندو آهي جنهن سان ٻڌو آهي ننڊ سٺي ايندي آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته هن ملڪ ۾ پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ پنهنجي وقتن ۾ ايترو قرض ناهي ورتو جيڪو ان نالائق ۽ نااهل وزير اعظم ساڌن ٽن سالن ۾ ورتو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته جيڪي ادارا کيس سپورٽ ڪندا هئا هاڻ اهي واپس آيا آهن ته هن کان برداشت نٿو ٿئي جيڪڏهن اهي بيهي چچوندا آهن ته اسين نيوٽرل آهيون ته هو چوندو آهي ته نيوٽرل ته جانور ٿيندو آهي ته عمران نيازي ٻڌائي ته جڏهن تون روس ۽ يوڪرين جي جنگ ۾ نيوٽرل هئين ته تون جانور هئين هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته قائد اعظم به جماعت بدلي هئي خان صاحب پاڻ چوندا هئا ته جيڪڏهن ڪو حڪومتي جماعت مان اپوزيشن ۾ اچي ته ان کي پارٽي بدلائڻ وارو لوٽو ناهي چيو ويندو. ته هاڻ هو ڪنهن کي لوٽو چئي رهيو آشهي. هن چيو ته خان صاحب تي فقط 10، 15 نه پر جيڪي گڏ آهن اهي به ووٽ نه ڏيندا هن چيو ته مان ڪيترائي ڀيرا ڌئي چڪو آهيان ته جيڪڏهن شيخ رشيد ۽ فواد چودهري کي چيو وڃي ته اوهان ايندڙ ڪابينا جو حصو آهيو ته اهي ٻئي ڇڏي ويندا. هن چيو ته. هن چيو ته جيڪڏهن شيخ رشيد کي اسرائيل يا ڀارت جي وزارت جي آفر ڪئي وڃي ته هو بڻجي ويندو. هن چيو ته جيڪڏهن شيخ رشيد جنهن به ڪابينا ۾ رهيو ان ڪابينا جو وزير اعظم ذليل ئي ٿيو آهي. هي هن وقت پاڳل ٿي ويو آهي ۽ بوکلاهٽ جو شڪار آهي هن کي ان ڳالھ جو يقين ٿي ويو آهي ته هن جو سياسي ڪيريئر هاڻ ختم ٿيڻ وارو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته خان صاحب ۽ ان جي چول وزيرن سياست کي گند سان ڀري ڇڏيو آهي. مان انهن کي انهن جي زبان ۾ جواب نٿو ڏئي سگھا، هن چيو ته ڪالھ وزير اعظم نريندر مودي جو پولنگ ايجنٽ هو ڪالھ چئي رهيو هو ته ڀارت جي خارجه پاليسي کي ساراهيان ٿو ۽ ان کي سلام پيش ڪيان ٿو مان هن کي چوان ٿو ته تو پاڪستان کي دنيا ۾ اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي. هي ڀارتي خارجه پاليسي آهي جنهن تي ملڪ ڪشمير تي ڀارت جي حمايت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته عمران نيازي جي ڪاوڙ هن جو ڪردار ٻڌائي رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب حن چيو ته اسلام آباد واقعي تي اسان جا ڪارڪن شديد ڪاوڙ آهن اهي ايم اين ايز جيڪي ان ۾ ملوث هئا اسان به انهن جي گھرن تي اهڙي قسم جو تماشو لڳائي سگھون پيا هن چيو ته مان خبردار ڪيان ٿو ته بدماشي ۽ غنڊا گردي ختم ڪيو جيڪڏهن تون ڪنهن جي گھر وڃڄي سگھين ٿو ته اسان به ڪنهن جي گھر وڃي سگھون ٿا ۽ اسلام آباد تي حملو ڪندڙ ٻنهين امي اين ايز جو تعلق ڪراچي سان آهي هن چيو ته جيڪڏهن عمران نيازي ۽ انهن جي بيوقوف وزيرن اهو سلسلو ختم نه ڪيو ته اسان کي به پنهنجي ڪارڪنن کي روڪڻ مشڪل ٿي ويندو هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جنهن شخص جو ماضي ۽ ڪردار داغ دار هجي مان ان جي نوجواني جي تاريخ غلاظت سان ڀريل هجي اهو ڪهڙي منهن سان ٻين کي رياست مدينا جو درس ڏئي سگھي ٿو.        

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *